سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بجلي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس وٺڻ جي خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمن  تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس وٺڻ جي خلاف  درخواست جي ٻڌڻي ٿي .ڪراچي جي مئير مرتضي وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس وٺڻ جي خلاف اسٽي آرڊ ۾ واڌڪري ڇڏيو آهي .عدالت درخواستن جي ٻڌڻي 28مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کي تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪئي آهي .ڪراچي جي مئير مرتضي وهاب عدالت ۾ چيو ته قانون مون کي وڪالت ڪرڻ سان روڪي نٿو سگهي .پر مون جون ڪجهه ذميوارون آهن جنهن ڪري مان وڪالت نٿو ڪريان . ڪي ايم سي جي ڪيس ۾ پيش ٿيو آهيان، ٽيڪس 2008ع کان هلائي رهيو آهي . جسٽس صلاح پنهور پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪائونسلن کي اوهان ته ڪڏهن مضبوط نه ٿيڻ ڏنا .ڪراچي جي مئير چيو ته مرضي جي غلطين مان سکڻ چاهيون ٿا .ان عرصي ۾ اسان 9ارب رپيا جمع ڪياهئاسين پر اسٽي آرڊ جي ڪري ڪجهه نٿاڪري سگهيو .عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي جي مئير چيو ته اسان ٽيڪس جي وٺڻ جي نه ڪري ٻه سالن ۾ 9ارب جو ڪي ايم سي کي نقصان ٿيو آهي . 9ارب ڪراچي جي شهر جي معاملي جي حل لاءِ هئا .اميد ڪريان ٿو ڪيس جلدي حل ٿي ويندو .

  1. اپيلٽ ٽربيونل پرويز الاهي کي ننڍي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور( م ڊ )  اپيلٽ ٽربيونل پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي کي ضمني چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، پرويز الاهي پي پي 32 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو  هو، جنهن تي اپيليٽ ٽربيونل کيس اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ان کان علاوه اپيليٽ ٽربيونل پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا، رٽرننگ آفيسر پي پي 158 تان مونس الاهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا، ٻئي طرف ٽربيونل زارا الاهي ۽ سميرا الاهي کي به اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

  1. ملڪي ترقي لاءِ سڌي ريت ٽيڪس اوڳاڙي ۽ برآمدي شعبو اڻٽر آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد ( م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڊجيٽلائزيشن سان اوڳاڙين ۾ واڌ ۽ نظام ۾ شفافيت ايندي، اسلام آباد ۾ وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن، ڪمپنين ۽ برآمد ڪنندڙن لاءِ  ايڪسيلينس ايوارڊز جي تقريب ٿي، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف به شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٽيڪس ڏيندڙ اسان جا قومي هيروز آهن،ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جي حوالي سان بحث ۾ وڃڻ بدران اسان نئين سر تنظيم جي سلسلي ۾ فوري طور تي عمل ڪيو. اسان ڪنسلٽنٽس به مقرر ڪيا آهن، محمد اورنگزيب ٻڌايو ته ملڪ جي ترقي لاءِ سڌي ريت ٽيڪس ۽ برآمدي شعبا اڻٽر آهن، ڊجيٽلائزيشن سان اوڳاڙين ۾ واڌ ۽ نظام ۾ شفافيت ايندي، اسان کي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ سان گڏوگڏ برآمد کي وڌائڻو آهي.

  1. صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات

اسلام آباد( م ڊ ) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف ملاقات ڪئي ،ملاقات دوران ٻنهي وچ ۾ ملڪ جي  مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي ڏکين حالتن مان ڪڍڻ تي عزم جو اظهاربه ڪيو، صدر ۽ وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل شهرين جي سفري هسٽري طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيوتي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي حوالي سان درخواستن تي ٻڌڻي ٿي .عدالت جو جاچ آفيسر کان  پچاڻو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ ڪهڙي اهم اڳڀرائي ٿي آهي .جاچ آفيسر چيو ته شهرين جي بازيابي جي لاءِ ملڪ جي مختلف حراستي مرڪزن ۽ ايجنسين کي خط لکيا ويا آهن .پوليس چيو ته علي بهادر،ارسلان سميت ٻيا مختلف علائقن مان گم ٿيا آهن .عدالت شهرين جو اليڪٽرونڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڏيڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي سفري هسٽري طلب ڪندي درخواستن جي ٻڌڻي 25اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.