ڏوڪري(ت ر)جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي سڏ تي ڏوڪري ۾ جسقپ پاران معصوم پريا ڪماريءَ ۽ مهربان ڀٽي جي بازيابي لاءِ حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي جسقپ جي مرڪزي اڳواڻن ڪامريڊ دودوديشي، قربان ڀٽي، آصف جيسر، فرمان شاھ ۽ حيدر سولنگيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ مضبوط سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس هوندي به معصوم نياڻي پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آهي. سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ۽ پريا ڪماريءَ جي آزاديءَ لاءِ آواز اٿاري رهي آهي پر تحفظ ڏيندڙ سمورا ادار چند سئو ڌاڙيلن اڳيان بيوس نظر اچي رهيا آهن. هنن چيو ته معصوم پريا ڪماريءَ جا ماءُ پيءُ پنهنجي نياڻيءَ جي اوسيئڙي ۾ روئي رڙي رهيا آهن پر حڪومت کي ڪو به احساس ڪونهي.