ميرپور ماٿيلو: پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي جي ريلي

ميرپورماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ+نصرالله گڏاڻي) ميرپورماٿيلو ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن نوجوان اتحاد، لاشاري اتحاد، شهرين، سول سوسائٽي جي ماڻهن پاران ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪري ڀٽائي چوڪ آڏو مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڪارڪنن پريا ڪماري جي بازيابي ۽ موجوده حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن وحيد سنڌي، نديم ملاڻو ،علي رضا لاشاري ٻين چيو ته  32 مهينا اڳ سَنگرار مان اغوا ٿي ويل معصوم پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

  1. جيڪب آباد ۾ پريا ڪماري، فضيلا سرڪي،نويد لاشاري جي آزادي لاءِ احتجاج

جيڪب آباد(ڊر ) جمعيت علماءِ اسلام ضلع جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري  سالن کان وٺي اغوا ٿيندڙ پريا ڪماري، فضيلا سرڪي، نويد لاشاري ۽ ٻين کي بازياب نه ڪرائڻ تي احتجاج ڪيو ۽ سخت افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مغوين  جي اغوا ۾ملوث ڳجھن ھٿن کي قانون حوالي ڇو نه ڪيو وڃي۽ انھن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڇو ناڪام ٿيا. ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته جيسيتائين حڪومت ۾ ويٺل بااثر ملوث ماڻھن جي خلاف قانون حرڪت ۾ نه ايندو اھڙا واقعا ٿيندا رهندا جيڪي شرمناڪ آھن، ان مطالبو ڪيو ته مغوين جي بازيابي لاءِ اعلي سطح ايماندار آفيسرن جي ڪميٽي تشڪيل ڏئي انھن کي مڪمل فري ھينڊ ڏنو وڃي جنھن کي ھڪ مھيني اندر نتيجا ڏيڻ جي ذميداري ڏني وڃي، ان ۾ ملوث بااثرن کي گرفتار ڪري قانون حوالي ڪيو وڃي ۽ مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.