”پريا جي اغوا تي رياست خاموش ڇو“ميرپورخاص ۾ احتجاج

ميرپورخاص(بيورورپورٽ)  سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ  لاءِ ميرپورخاص جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي  پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن واجد لغاري، شير محمد سولنگي، ممتاز جروار، لڇمڻداس پيرواڻي ۽ ٻين چيو ته  معصوم نياڻي جي اغوا کي 32 مهينن جو عرصو گذرڻ جي باوجود سنڌ جي معصوم نياڻي پريا کي بازياب ڪرائڻ ۾ حڪومت ناڪام رهي آھي جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي. ھنن چيو ته سنڌ ۾ اغوا ڪاروبار بڻجي وئي آھي، جنھن جي سرپرستي سردار ۽  ڀوتار ڪري رھيا آھن ۽ اھي ئي ساڳيا ڀوتار وري اسيمبلين ۾ به ويٺل آھن. ھنن چيو ته رياست ماءُ جو درجو رکي ٿي  پر ھتي ان رياست جا ٻچا اغوا، قتل ۽ درنگي جو نشانو بڻجي رهيا آھن پر رياست ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن چيو ته سمجھه ۾ نه ٿو اچي تھ ڪچي جي ننڍڙي ايريا ۾ سوين ماڻھو اغوا ٿي پھچن ٿا پر انھن کي بازياب ڪرائڻ ۾ اسان جا ادارا بي وس بڻيل ھجن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.