واشنگٽن/اسلام آباد(م ڊ) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪ ايران گئس پائيپ لائن رٿا بابت سوال تي جواب ۾ چيو آهي ته هر هڪ کي مشورو ڏيون ٿا ته ايران سان ڪاروبار ڪرڻ سان آمريڪي پابندين جو خطرو ٿي سگهي ٿو، پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪنهن امڪاني ڪارروائي تي تبصرو نٿا ڪري سگهون،پائيپ لائن رٿا تي اسان خوش ناهيون،هن چيو ته سڀني کي مشورو آهي ته ايران سان ڪاروبار کان پهرين ان ڳالهه تي غور ڪريو،اسسٽنٽ سيڪريٽري واضح ڪيو هو ته اسان ان پائيپ لائن کي اڳتي وڌائڻ جي حمايت نٿا ڪريون، ترجمان چيني قافلي تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اسان پاڪستان ۾ چيني قافلي تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا.
اسان حملي جي متاثرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، دهشتگردن جي هٿان پاڪستاني عوام گهڻو نقصان کنيو آهي، پاڪستان ۾ چيني شهري دهشت گرد حملن جو نشانو بڻيا آهن، ان کان اڳ وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته جيڪڏهن اسان ايران کان گئس خريد ڪنداسين ته اسان تي پنج طرح جون پابنديون لڳي سگهن ٿيون،ايران سان ڳالهه ڪئي آهي ته ڪو طريقو ڳولينداسين ته ايران جي گئس وٺي سگهون ۽ پابنديون به نه لڳن، ان حوالي سان تحريڪ انصاف لطيف کوسي چيو ته ايران گئس پائيپ لائن اسان جي بارڊر تي آڻي چڪو آهي،هاڻي ايران عالمي معاهدي تحت اسان مٿان ڏنڊ به هڻي سگهي ٿو