نوشڪي ۾ حساس اداري جي آفيس ٻاهران دستي بم ڌماڪو

نوشڪي( م ڊ )  بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ حساس اداري جي آفيس ٻاهران دستي بم ڌماڪو ٿيو آهي، ڌماڪي دوران ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، ڊپٽي ڪمشنر حبيب الله موسيٰ خيل چيو ته حساس اداري جي آفيسن ويجهو دستي بم ڌماڪو ٿيو پر خوش قسمتي سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو.هن چيو ته ڌماڪي کانپوءِ جوابدارن فائرنگ پڻ ڪئي، جنهن کانپوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.