نواز ليگ سرڪاري سيٽ اپ مان ناخوش، نئين چونڊن جي تياري؟

اسلام آباد (ع آ نيوز) :مسلم لیگ (ن) نئين چونڊن تياري شروع ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ن ليگ قيادت موجودہ سرڪار جي سيٽ اپ مان بلڪل خوش ناهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نواز شريف جي صدارت ۾ پارٽي جو سڏايل اجلاس ان ڳالهه طرف اشارو آهي ته ن ليگ قيادت ٻيهر چونڊن لاءِ پَرَ ساهي رهي آهي. چيو وڃي ٿو ته نواز شريف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پارٽي جي صدارت سنڀالي نئين اليڪشن مهم جي شروعات ڪندو. نواز ليگ قيادت سمجهي ٿي ته هن حڪومت کي معيشت کي رستي تي آڻڻ لاءِ استعمال ڪري پي ٽي آءِ باني عمران خان کي عدالتن مان رليف ڏياري کيس ٻيهر اقتدار ڏنو ويندو. ذريعن موجب اسٽيبلشمينٽ محسن نقوي،محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال جهڙن ماڻهن ذريعي وفاقي حڪومت جو ڪنٽرول سنڀالي رهي آهي. ذريعن مطابق نواز ليگ عيد بعد فيصلو ڪندي ته حڪومت ۾ رهجي يا نه. ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف حڪومت کي برقرار رکڻو آهي ته پيپلزپارٽي کي به ڪابينا ۾ شامل ڪري حڪومت جو حصو بڻايو وڃي، چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن 6 مهينن ۾ سيٽ اپ ۾ تبديلي نه ڪئي وئي ته نواز ليگ حڪومت کان الڳ ٿي سگهي ٿي، ان کانپوءِ جيڪڏهن چاهي ته محسن نقوي کي حڪومت ۾ آڻي سگهجي ٿو، ان جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي ۽ 5 سالن تائين اهو ئي سيٽ اپ هلندو رهندو. نواز ليگ ان ڏس ۾ ٻه پروپوزل اسٽيبلشمينٽ کي ڏنا  آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.