ارسا آرڊيننس 2024ع جا مک نقطا چيئرمين کي طاقتور بنائڻ تي ٻڌل

حيدرآباد( رپورٽر )  ارسا ايڪٽ 1992ع ۽ ارسا آرڊيننس 2024ع جا مک نقطا چيئرمين کي طاقتور بنائڻ تي آهن، آرڊيننس ۾ پاڻي جي معاملن ۾ صوبن کي ارسا ۾ بي اختيار ڪيو ويو آهي، 1992ع واري ارسا ايڪٽ ۾ 5 ميمبرن تي ٻڌل ادارو جڙيل آهي، جنهن ۾ هڪ ميمبر وفاقي حڪومت ۽ چار صوبن جا نامزد ڪيل هوندا، انهن ميمبرن مان هر هڪ کي ترتيب وار هڪ سال جي لاءِ ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو ويندو، ڌرين وچ ۾ سربراهيءَ جو معاملو ارسا ايڪٽ جو روح تصور ڪيو ويندو آهي، پر ارسا آرڊيننس 2024ع ۾ ارسا جي سربراهي صوبن کي ڏيڻ جي شق کي تبديل ڪيو ويو آهي. لوڪ سجاڳ تي ناميارن صحافين عبدالله چيما ۽ ڪليم الله جي ڪيل اسٽوري موجب ارسا آرڊيننس ۾ واضح طور تي لکيو ويو آهي ته ارسا هاڻي 5 ميمبرن ۽ هڪ چيئرمين تي مشتمل هوندو ۽ چيئرمين جي چونڊ وزيراعظم ڪندو، وزيراعظم 21 گريڊ يا ان جي برابر يا ان کان مٿي جي رٽائرڊ يا حاضر سروس آفيسرن مان چيئرمين جي چونڊ ڪري سگهندو، مطلب اداري جي سربراهي صوبن جي نامزد ميمبرن کان کسي سول يا ملٽري بيوروڪريٽ کي ڏني وئي آهي، آرڊيننس ۾ اهو به واضح ناهي ته نئين چيئرمين جي عهدي جو مدو ڪيترو هوندو، پر اهو ضرور لکيو ويو آهي ته وزيراعظم جيترو چاهي ان ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو، چيئرمين جو عهدو صوبن کان ڦرڻ جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ وائيس چيئرمين جي نئين پوسٽ ٺاهي وئي آهي، هيءَ پوسٽ ارسا جي پنجن ئي ميمبرن جي وچ ۾ ساڳي ترتيب سان ڦرندي جيئن ارسا ايڪٽ موجب چيئرمين جو عهدو صوبن جي ميمبرن کي ڏنو ويندو آهي، هاڻ ارسا ايڪٽ جو روح هاڻي وائيس چيئرمين جي عهدي ۾ ڦاسي پيو آهي، پر وائيس چيئرمين جي هن عهدي کي ڪنهن به قسم جو اختيار نه ڏنو ويو آهي، آرڊيننس ۾ ڪا به اهڙي شق موجود ناهي جيڪا واضح ڪري ته وائيس چيئرمين جو ڪم ڇا هوندو، صرف هڪ هنڌ ذڪر آهي ته هو چيئرمين جي غير موجودگي ۾ ميمبرن جي اجلاس جي صدارت ڪندو. ارسا آرڊيننس 2024ع ۾ ارسا جي ڪمن ۽ اختيارن کي تمام گهڻو وڌايو ويو آهي ۽ انهن سڀني کي هڪ نئين اداري ڏانهن منتقل ڪيو، جنهن کي آزاد ماهرن جي ڪميٽي سڏيو ويندو، اها ڪميٽي 8 “آزاد” ماهرن تي مشتمل هوندي، انهن جي چونڊ به چيئرمين ۽ چيئرمين ئي ان ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪندو، هن ڪميٽي کي ارسا چيئرمين جون اکيون، ڪن ۽ هٿ قرار ڏنو ويو آهي، چيئرمين پنهنجو سمورو ڪم ان جي ذريعي ڪندو ۽ اها ڪميٽي مڪمل طور ارسا چيئرمين جي ماتحت هوندي، صوبن جي ميمبرن جو هن ڪميٽي جي ٺهڻ ۽ ڪم ڪرڻ سان ڪو به واسطو نه هوندو، ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ چيو ويو آهي ته ارسا جا ميمبر آبپاشي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ اعليٰ ترين ماهر هوندا، پر آرڊيننس 2024ع ۾ انهن ماهرن جي موجودگيءَ باوجود وڌيڪ ماهرن جي ڪميٽي ٺاهڻ جا مقصد ڪهڙا ٿي سگهن ٿا.؟، آرڊيننس ٺاهڻ وارن صوبن پاران موڪليل ماهرن کي “آزاد” نه سمجهيو، جيئن هو وزيراعظم پاران مقرر ڪيل ارسا چيئرمين جي فرمانبرداري ڪري سگهن، اهڙي صورتحال ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ارسا جو سمورو ڪم “آزاد” ماهرن جي ڪميٽي ڪندي ته پوءِ صوبن پاران موڪليل ماهرن جو ڇا ٿيندو؟. آرڊيننس موجب صوبن جا ميمبر صرف پنهنجي ماهوار گڏجاڻي ڪري سگهن ٿا، صوبن وچ ۾ پاڻي جي ضابطي ۽ ورهاست ٽيڪنيڪل بنياد تي “آزاد” ماهرن جي ڪميٽي طئه ڪندي، پر صوبن جو ان ۾ ڪو به عمل دخل نه هوندو، ارسا آرڊيننس چيئرمين کي اختيار ڏئي ٿو ته هو سمورن وفاقي ۽ صوبائي آبپاشي ادارن کي حڪم جاري ڪري جن جي تعميل ڪرڻ لازمي هوندي ۽ نافرماني جي صورت ۾ کين سزا ڏني ويندي، ارسا ڪنهن به صوبي ۾ ڪنهن به واٽر ريگيوليشن پوائنٽ جي حوالي سان حڪم جاري ڪري سگهي ٿو، اهي اختيار آبپاشي سان لاڳاپيل سمورن صوبائي کاتن کي ارسا جي ذيلي آفيسن ۾ تبديل ڪرڻ جي برابر سمجهيا وڃن ٿا. ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ چيو ويو هو ته صوبي ۾ پاڻي جي وهڪري ۽ خارج ٿيڻ واري ڊيٽا گڏ ڪرڻ صوبائي ادارن جي ذميواري هوندي ۽ واپڊا جهڙا ادارا پنهنجي طور تي اهو ڪم جاري رکي سگهندا، پر ارسا آرڊيننس 2024ع ۾ ان شق کي به ختم ڪيو ويو آهي، اهو ڪم هاڻ ارسا پاڻ ٽيلي ميٽري ذريعي پنهنجي مرضي سان ڪندو،  آرڊيننس اهو اهم ڪم پنهنجي “آزاد” ماهرن جي ڪميٽي جي ڪلهن تي رکيو آهي، ارسا چئني صوبن جي سمورن واٽر ريگيوليشن پوائنٽس تي وهڪري ۽ اخراج ماپڻ وارا ڊوائيس نصب ڪري ڊيٽا گڏ ڪندو، واٽر ريگيوليشن پوائنٽ جو اصطلاح ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ استعمال نه ڪيو ويو، پر آرڊيننس 2024ع ۾ ڊيم، بئراج، ڪئنال هيڊز، رزروائرز شامل آهن، پر آرڊيننس ان تائين محدود نه آهي هاڻ ڪنهن به هنڌ کي ارسا واٽر ريگيوليشن پوائنٽ مقرر ڪري سگهي ٿو ۽ اتي پاڻي جي مستقل ماپ جو بندوبست ڪري سگهجي ٿو، نئين قانون موجب ڪنهن به تڪرار جي صورت ۾ ارسا جي ڊيٽا کي ئي درست سمجهيو ويندو، ان صورت ۾ جج ۽ شاهد جو ڪردار به ارسا پاڻ ادا ڪندو، معاملو هڪ قدم اڳتي وڌڻ لڳو ته اختلاف جي صورت ۾ اپيل به چيئرمين آڏو ڪرڻي پوندي. ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ تنظيم کي پنهنجا سمورا فيصلا ميمبرن جي اڪثريت جي راءِ جي بنياد تي ڪرڻا آهن ۽ ووٽن جي برابري جي صورت ۾ حتمي ووٽ چيئرمين کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته آرڊيننس ۾ ڏنل ارسا جي نئين ڍانچي ۾ چيئرمين کي ميمبر جي حيثيت نه هوندي، ان ڪري سندس ڪاسٽنگ ووٽ کي ختم ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه ميمبرن جي وچ ۾ ڪنهن به تڪرار کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ نئون نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن تحت ميمبر پنهنجو تڪرار چيئرمين وٽ پيش ڪندا، جيڪو “آزاد” ماهرن جي ڪميٽي جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ ان تي فيصلو ڪندو، ان فيصلي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل سي سي آئي کانسواءِ ڪنهن به عدالت يا فورم تي چئلينج نه ڪري سگهبو، آئين موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 90 ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٿيڻ گهرجي، پر عملي طور تي ائين نه ٿي رهيو آهي، ڪائونسل جون 2020ع ۾2، 2021ع ۾ 5 ۽ گذريل ٻن سالن ۾ فقط ٻه ڀيرا گڏجاڻيون ٿيون آهن، اهڙي طرح ارسا آرڊيننس نه رڳو چيئرمين کي آبپاشي جي تڪرارن ۾ بااختيار بڻائي رهيو آهي، پر ان جي حل لاءِ ٻين ادارن تائين رسائي کي به ڏکيو بنائڻ چاهي ٿو. ارسا جي نئين قانون ۾ گنجائش موجود آهي ته هو ڪارپوريٽ ادارن ۽ زرعي ڪارپوريٽ فارمز سان پاڻي جي وڪري لاءِ معاهدا ڪري ۽ جيڪڏهن اهي ادارا پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي زمري ۾ اچن ته ان کي اسٽريٽجڪ قرار ڏئي مدد پڻ وٺي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.