آمريڪي صدر جنگبندي جي خاتمي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگبندي جي خاتمي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران تي حملن جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر امڪاني طور جنگبندي جي خاتمي بابت سوال تي چيو ته مون کي نٿو لڳي ان جي ضرورت آهي پر شايد پئجي به سگهي ٿي.
هن چيو ته ايران خلاف فوجي آپريشن گهڻو اڳ شروع ڪرڻ گهرجي ها، آمريڪا ايران جون 90 سيڪڙو ميزائل فيڪٽريون تباهه ڪري ڇڏيون آهن، ايران تي لڳايل پابنديون ڪامياب آهن، ايران جي معيشت تباهه ٿيندي پئي وڃي، ايران جوهري هٿيار نٿو رکي سگهي ۽ ايران معاهدو ڪرڻ لاءِ بيچين آهي.
سندس چوڻ هو ته ايراني قيادت جي حوالي سان غير يقيني صورتحال وڏو مسئلو آهي، ڇو ته ڪنهن کي خبر ناهي ته اتي اصل ليڊر ڪير آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.