تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس غلام حسين محسني چيو آهي ته اسان ڪڏهن ڳالهين جي ميز ناهي ڇڏي، اسان جنگ جا خواهشمند ناهيون پر ان کان ڊڄون به نٿا.
ايراني سرڪاري خابرو اداري موجب چيف جسٽس غلام حسين محسني چيو ته جيڪڏهن اسان جي عزت کي خطرو محسوس ٿيو ته پنهنجي عزت لاءِ وڙهنداسين، اهو اسان جي قوم جو پختو موقف آهي.
هن چيو ته ايران سدائين ڳالهين جي آجيان ڪئي آهي پر سفارتڪاري منطق ۽ عقل تي ٻڌل هوندي آهي، اسان ڪنهن قسم جو ڏاڍ قبول نه ڪنداسين، جيڪو دشمن جارحيت ۽ ڌمڪين ذريعي پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهيو، اهو ڳالهين جي ميز تي به حڪم هلائڻ يا مطالبا مڙهڻ جو حق نٿو رکي.
چيف جسٽس اهو به چيو ته ايران آمريڪا خلاف قانوني ڪارروائي ڪندو، اسان جنگي ڏوهه ڪندڙن جو پيڇو ڪنداسين، کين سزا ڏيارينداسين ۽ انهن کان معاوضو حاصل ڪنداسين.
جنگ نٿا چاهيون پر ڊڄون به نٿا، عزت کي خطرو پيش آيو ته وڙهنداسين: ايراني چيف جسٽس
You might also like