حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي عوام ۽ سنڌ حڪومت جي سخت احتجاج کانپوءِ مقرر ڪيل تڪراري ارسا چيئرمين ظفر محمود کي عهدي تان ته هٽايو ويو، پر نگران وفاقي ڪابينا پاران جاري ڪيل ارسا آرڊيننس اڃا تائين موجود آهي، سنڌ جي سخت احتجاج باوجود شهباز حڪومت ارسا آرڊيننس 2024ع کي اڃا واپس ناهي ورتو، جنهن ڪري سنڌ کي خدشو آهي ته ارسا آرڊيننس جي ڪري ارسا جي جوڙجڪ ۽ ان جو هجڻ بي اثر رهندو، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ارسا چيئرمين جي مقرري تي سنڌ جي ماڻهن جي ردعمل کانپوءِ وفاقي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪري ارسا چيئرمين جي نامزدگي کي رد ڪرايو هو، پر آرڊيننس کي اڃا تائين واپس نه ڪرائي سگهي آهي، وفاق ۾ اتحادي حڪومت ملڪ جو صدر هوندي ارسا آرڊيننس 2024ع جو موجود هجڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي لاءِ وڏو امتحان آهي، انوار الحق ڪاڪڙ جي نگران وفاقي حڪومت پنهنجن آخري ڏينهن ۾ 91ع واري ارسا ايڪٽ ۾ ارسا آرڊيننس 2024ع ذريعي تبديليون آڻي پاڻي جي معاملي ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر مليل اختيار قومي اڪاين کان کسي وفاقي حڪومت(يعني وزيراعظم) ۽ ارسا چيئرمين کي طاقتو بڻائي ڇڏيو هو. پاڻي جي معاملن تي نظر رکندڙ سمجهن ٿا ته هي آرڊيننس اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاڻي جا فيصلا ڪندڙ اقتداري ڌرين وٽ درياهه جي انتظام ۽ پاڻي جي ورڇ لاءِ مڪمل طور تي هڪ نئون منصوبو موجود آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف عهدي جو حلف کڻڻ جي هڪ هفتي رٽائرڊ بيرورڪريٽ ۽ انتهائي تڪراري ڪاموري ظفر محمود کي ارسا انڊس روور سسٽم اٿارٽي جو چيئرمين لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، وزيراعظم شهباز شريف ارسا آرڊيننس 2024ع ۾ ڏنل اختيارن کي استعمال ڪندي اهڙي مقرري ڪئي، نگران حڪومت پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ 14 فيبروري تي اهو آرڊيننس جاري ڪيو هو. پاڻي سمورن صوبن لاءِ انتهائي حساس مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي جي فراهمي ۾ ٿوري تبديلي به هڪ علائقي جي زمينن کي آباد ۽ ٻئي علائقي بنجر بڻائي سگهي ٿي. ارسا آرڊيننس 2024ع ۾ 32 سال پراڻي ارسا ايڪٽ 1992 ۾ ڪا معمولي تبديلي نه پر ان جي ايڪٽ جي اصل شڪل کي مڪمل طور تي تبديل ڪيو ويو آهي. آرڊيننس جو آئيني مدو 120 ڏينهن هوندو آهي، جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ قرارداد جي ذريعي پاس ڪري ساڳئي مدي ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو پاڻمرادو بل (تجويز ڪيل قانون) بڻجي ويندو ۽ پوءِ مستقل قانون جي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ ان آرڊيننس کي پارلياماني عمل مان گذرڻو پوندو، موجوده حڪومت جڏهن چاهي آرڊيننس واپس وٺي سگهي ٿي ۽ ان کي مستقل قانون بڻائڻ لاءِ اسيمبلي ۾ نه آڻڻ جو فيصلو به ڪري سگهي ٿي، پر جيستائين حڪومت ائين نه ڪندي، تيستائين آرڊيننس برقرار رهندو ۽ وزيراعظم وٽ اهي اختيار برقرار رهندا، جيڪي کيس ارسا آرڊيننس 2024ع ۾ ڏنا ويا آهن، هي آرڊيننس انتهائي ڪمزور نگران حڪومت لاڳو ڪيو هو، اڳوڻي صدر عارف علوي پاڻي جي ورڇ جهڙي اهم مسئلي کي ڪنهن به جمهوري عمل مان گذارڻ کانسواءِ مڪمل طور تبديل ڪرڻ کي درست نه سمجهيو، هن اهو آرڊيننس منظور ته نه ڪيو پر سندس انڪار کان ڏهن ڏينهن کانپوءِ اهو آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 تحت لاڳو ٿي ويو. سنڌ جي ماڻهن جي سخت احتجاج کانپوءِ ساڃاهه وندن ڌرين جو چوڻ آهي ته هاڻي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ”ارسا” کي درياهه جو مالڪ بڻائڻ واري قدم کي قومي اڪايون خاص طور تي سنڌ ڪنهن به صورت قبول نه ڪندي ۽ جيڪڏهن اهڙو ڪو به قدم کنيو ويو ته وفاقي حڪومت کي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جو ثبوت ظفر محمود جي چيئرمين طور مقرري جي کلي مخالفت آهي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا سميت مختلف فورمن تي سنڌ جي سڃاڻ ڌريون ارسا آرڊيننس 2024ع کي مڪمل طور تي رد ڪري چڪيون آهن، سنڌ جي ماڻهن طرفان ارسا چيئرمين جي مقرري کي رد ڪرڻ کي سٺو سنئوڻ ته قرار ڏنو ويو هو پر ان سان گڏ ارسا آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو هو، جنهن تي اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي.