رينجرز پاران قبضو ڇڏڻ بعد ريڊيو پاڪستان جي تاريخي عمارت جي مڪمل بحالي جون تياريون

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر) 16سالن بعد ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي انتظاميا طرفان بندر روڊ واري ريڊيو پاڪستان جي تاريخي عمارت ڏانهن مڪمل واپسي جا انتظام شروع ٿي رهيا آهن. ريڊيو پاڪستان جي تاريخي عمارت جي اهم اسٽوڊيو ۾ باهه لڳڻ بعد اها عارضي طور سوڪ سينٽر جي ريڊيو پاڪستان جي عمارت ۾ منتقل ڪئي وئي هئي، پوئتي صرف پبليڪيشن ۽ ريڊيو پاڪستان ميگزين جي رسالي آهنگ جي ڇپائي وارو ڪم اتي ئي ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪمرن ۾ ڪم منتقل ڪيو ويو هو، باقي خبرون پڙهڻ کان وٺي ڊرامن ۽ اسٽوڊيو سان لاڳاپيل پراڊڪشن جي ڪمن کي سوڪ سينٽر ۾ شروع ڪيو هو. ، جنهن بعد 2015 ۾ سنڌ رينجرز جي دهشتگردي مخالف سيل محرم مهيني ۾ امن امان جي حوالي سان ان تاريخي عمارت ۾ اچي پنهنجو ڪم شروع ڪيو، جنهن ان عمارت ۾ مڪمل 9 سال پنهنجو ديرو ڄمائي رکيو،رينجرز جي موجودگي جي شهر جي سول سوسائٽي ۽ قديم عمارتن جي تحفظ وارن ادارن ۽ شخصيتن رينجرز جي ريڊيو پاڪستان عمارت سميت شهر جي ٻين قديم عمارتن ۾ رينجرز جي موجودگي تي تنقيد ٿيندي رهي آهي. تازو مارچ 2023 جي 17، 18 تاريخ تي رينجرز اها عمارت خالي ڪري پنهنجوعملو گڏاپ طرف منتقل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد شهر جي سول سوسائٽي ۽ صحافين اها راءِ رکي ته ان تاريخي عمارت ۾ ميوزم يا لائبريري کولي وڃي. ان سلسلي ۾ روزاني عوامي آواز طرفان ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محبوب سرور روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ريڊيو پاڪستان ڪراچي هلندڙ هفتي ئي پنهنجي ان تاريخي عمارت ۾ واپس اچي رهيو آهي ۽ ان عمارت ۾ ٻئي ڪنهن به اداري جو ميوزم يا لائبريري نه پر ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو آرڪائيز کوليو ويندو ۽ جلدئي باهه ۾ متاثر ٿيل اسٽوڊيو جي مرمت ۽ بحالي شروع ڪئي ويندي.

باقي پراڊڪشن وارا حصا اسٽوڊيو جي مڪمل مرمت بعد اتي نئين سر منتقل ڪيا ويندا. هن چيو ته باهه لڳڻ بعد ۽ رينجرز جي موجودگي باوجود ريڊيو پاڪستان اها عمارت خالي نه ڪئي هئي، ريڊيو جو پبليڪيشن ۽ ميگزين آهنگ جو ڪم ان ئي عمارت ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ پراڊڪشن کان سواءِ باقي ٻيا ريڊيو جا ادارا هن هلندڙ هفتي ان عمارت ۾ واپس آندا ويندا.

قديم عمارت جي ڪمرن ۽ هالن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي

ڪراچي: ريڊيو پاڪستان جي قديم عمارت جي اندر ڪمرن ۽ هالن جي حالت انتهائي خراب  حالت ۾ ڇڏي وئي آهي ۽ جنهن جي نئين سر مرمت ۽ رنگ سازي جي ضرورت آهي ۽ مشڪل لڳي ٿو ته ڀڳل در درين، ڀتين جي خراب ۽ ڀرندڙ حالت ، دونهين جي نشانن کي مٽائڻ کان سواءِ هڪ هفتي اندر ريڊيو پاڪستان جي آهستگي ءَ سان واپسي ممڪن نه آهي.

سائين جي ايم سيد 1929ع ۾ لوڪل بورڊ جي عمارت تعمير ڪرائي،جتي بعد ۾ ريڊيو پاڪستان منتقل ٿيو

ڪراچي. ريڊيو پاڪستان ڪراچي بندر روڊ جي عمارت اصل ۾ لوڪل بورڊ ڪراچي  جي عمارت آهي، جنهن جي تعمير جو خيال ۽ ڪم جي شروعات لوڪل بورڊ جي صدر غلام مر تضي شاهه (جي ايم سيد ) ڪئي هئي ۽ 1929 ۾ ان لا ءِ رچمنڊ وٽنري اسپتال جي ڀر ۾ خالي پلاٽ جي چونڊ ڪئي وئي. انگريز ڪمشنر جي مخالفت جي باوجود هن ان عمارت جو ڪم شروع ڪرايو،جنهن جو انجنيئر هاشم گذدر هو. جي ايم سيد ان عمارت جو 27 مارچ 1933 ۾ خود پاڻ لوڪل بورڊ جي صدر جي حيثيت ۾ ڪيو، جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ سڀني مذهبن ۽ فرقن سني، شيعه، عيسائي، پارسي، يهودي، هندو جي عالمن جي دعائن پڙهڻ سان ڪئي وئي هئي.۽ پنهنجي صدارت جي مدي جي پوري ٿيڻ تي ان ئي عمارت ۾ الوداعي دعوت پڻ ڪئي هئي.  بعد ۾ پاڪستان ٺهڻ بعد 1950 ۾ عارضي طور ريڊيو پاڪستان ڪراچي کي ڪوئنز روڊ تي موجود بيرڪن جي زبون حالت ٿيڻ تي عارضي طور  لوڪل بورڊ جي هن عمارت ۾ منتقل ڪيو ويوهو جنهن کي واپس ٻي عمارت ۾ منتقل نه ڪيو ويو. ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي پنهنجي ان عمارت جي واپسي لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس به داخل ڪيو هو، جنهن جو فيصلو ٿي نه سگهيو آهي. ان عمارت ۾ ئي مهدي حسن، محمد ابراهيم، محمد جمن، روبينا قريشي، جيجي زرينه بلوچ، مني بيگم ۽ ٻين نامورن ڳائڻن راڳ ڳائي شهرت حاصل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.