پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مڪي،مديني ۾ دعائون

لاڙڪاڻو(سٽي رپورٽ عبدالوحيد ابڙو ) سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پرائمري استادن جي نمائنده تنظيم آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن پ ٽ الف سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو ڪعبت الله شريف ۾ خصوصي طور تي ڌڻي در ٻاڏائيندي معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ دعائون گهريون ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بد  امنيء جي باهه ۾ پنج پرائمري استادن شهيد ظفر لاکو، شهيد الله رکيو نندواڻي، شهيد مراد علي ڀنگوار، شهيد هدايت ﷲ لوھار، شهيد جمع خان جکراڻي جن جي وحشي درندا صفت قاتلن جي گرفتاري ۽ پونئرن کي انصاف ملڻ سميت سموري استاد برادريء جي صحت، سلامتي ۽ سنڌ ۾ پائدار امن جي فضاءَ قائم ٿيڻ لاءِ روئي روئي دعائون گهريون. جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌ جي ناليواري مشهور نعت خوان محمد مظهر علي عباسي قادريءَ پاران سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ روضه رسول صلي ﷲ عليه وسلم جي سامهون دعائون گهريون ته يا ﷲ پنهنجي پياري محبوب ڪريم صلي ﷲ عليه وسلم جي صدقي واسطي سنڌ کي امن سلامتي عطا فرمائي ۽ يا ﷲ سنڌ جي مرڪ سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي،  هوڏانهن مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي امير مفتي محمد جان نعيمي، سيد ضياء ﷲ شاهه جيلاني ۽ ٻين چيو ته نياڻيون سڀ جون نياڻيون ٿينديون آهن ﷲ پاڪ سڀني جي نياڻين کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي. ڪا به معصوم نياڻي هندو مسلم نه بلڪ اها صرف نياڻي آهي،هوڏانهن سنڌ جي ناليواري مشهور درگاهه ماتلي شريف جي گادي نشين پير ڪرم ﷲ الاهي المعروف دلبر سائين نقشبندي مدني دعا گهريندي چيو آهي ته اسلام ۾ ڪٿي به انهيءَ ڳالھ جي اجازت ناهي ته ڪو ماڻهو ڪنهن به انسان ذات کي ظلم سان قيد و بند ڪري رکي، اسلام اهڙن ماڻهن کان بيزاري ڪري رهيو آهي هن سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ دعا گهريندي چيو ته ﷲ رب العالمين پوري انسانيت جو مالڪ آهي ۽ نياڻيون سڀ کي پياريون آهن خدا پاڪ سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي ظالمن جي چنبي مان آزادي نصيب فرمائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.