ڌاڙيل راڄ خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي:زين شاهه

ڄامشورو/ حيدرآباد ( پ  ر) سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ بند ڪريو، ڪانفرنس 29 مارچ تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ عوامي تحريڪ  طرفان ٿيندي. ڪانفرنس جون تياريون هلندڙ آهن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي تعليمي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح ۽ عاطف ملاح سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ۽ نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري سان ڄامشورو سندن رهائشگاهه تي الڳ الڳ ملاقات ڪري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي نور احمد ڪاتيار چيو ته ملڪ جي حڪومت ايس آئي ايف سي حوالي آهي. ملڪ ۾ آئين ۽ قانون ڪٿي به نظر نٿو اچي. سموري سنڌ ڌاڙيلن حوالي ڪئي وئي آهي. زين شاهه چيو ته سنڌ ڌاڙيلن حوالي ٿي چڪي آهي. سمورين ڌرين کي ڌاڙيل راڄ خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ڪانفرس ۾ شرڪت جو يقين ڏياريو تاج مري چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي قبضو ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ پروفيسر انعام ڀٽي ۽ امير ٿيٻو ،خادم حسين ناريجو ۽ شهزاد مري پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.