”پريا ڪماري ڳولي ڏيو“ سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به مظاهرا،ڌرڻا،ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ مسلسل سراپا احتجاج بڻيل، حڪومت اغوا ٿيل معصوم نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪي به ڪوششون نه ڪيون، جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي سڄي سنڌ جيان سڪرنڊ ۾ به جسقم پاران معصوم پريا ڪماريءَ جي بازيابي لاءِ  قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻن مسعود شاه، قربان ٻبنڀ، موجن زئور، فرمان رند ۽ منور سولنگيءَ چيو ته ملڪ ۾ مضبوط سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس هوندي به معصوم نياڻي پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آهي،مورو ۾ جسقم  اڳواڻن امتياز کوسو نعيم پيرزادو قربان ڇڄڙو  مبين لنڊ  سرمد ڏيپر، مھراڻ سنڌي، زين ميمڻ، پنھل سنڌي، جبار چانڊيو، اظھار لانگاهه  ۽ ٻين پاران مورو پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاهرو ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ فيصل مستوئي، فرحان وسطڙو، صوفي خالد چنا ،  محمد عادل عباسي،ماهنور شيخ ، صحافي اياز حسين آرائين ، ممتاز چانڊيو ، شاهد علي منڱڻيجو، پٺاڻ ڪلهوڙو ، ڀروگريس يوٿ الائينس اڳواڻ ، ڪامريڊ شبانا پيرزادو ، ڪامريڊ زينب پيرزادو ، خالد راڄپر ، زاهد پنهور ، عاشق علي چاچڙ ۽ ٻين پاران گڏيل احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ھن ملڪ ۾ انصاف نالي جي ڪابه شيءِ ناھي، انصاف گهرون ته ڪنهن کان گهرون ڇو جو حڪمران ڌاڙيلن جا سرپرست آھن،هنن چيو ته فورن پريا ڪماري کي آزاد ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ عيد کان پوءِ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي،نوابشاهه ۾ ھاشم لغاري، طارق سمون، فرمان ملاح، بابو سنڌي، طفيل سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڌاٻيجي ۾ نظام جوکيو ،عاطف کٽي ،ارباز پليجو ۽ ٻين چيو ته سنڌ اندر امن امان جي حالات ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي سنڌ اندر وڏيرا شاهي سرداري نظام ۽ڌاڙيل ڪلچر کي پيدا ڪري مظلوم ماڻھن  کي تنگ ڪيو پيو وڃي جاتي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عادل لغاري،جي ايم کٽي،ذوالفقار ترڪ،وارث شاه،عبدالرزاق ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قمبر ۾جسقم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان محمد علي هڪڙو ،نثار ڏيپر ،صدام گوپانگ ،شاهجهان ڪلهوڙو، زاهد گوپانگ ،شفيق جوڻيجو،محسن شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، خيرپور ۾ جسقم جي وائيس چيئرمين امجد خان سيد سجاد علي شاه ايڊووڪيٽ رضا سومرو، ڪميل ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پريا ڪماري 32مھينن 10محرم جي ڏينھن ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي امام حسين جي سبيل ھلائي رھي ھئي جتان کان ھو گم آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي ھنن چيو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ جو عوام سرپا احتجاج بڻيل آهي پر حڪومت غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي ڪو به تحرڪ نه ٿي وٺي لاڙڪاڻي ۾  عزيز الرحمان شيخ، فراز کهاوڙ، راحب سومرو، علي رضا لاشاري، گل محمد جتوئي ۽ ٻين چيو ته گذريل 18 مهينن کان وٺي معصوم نياڻي پريا ڪماري جو ڪو ڏس پتو ڪونهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت تماشائي بڻيل آهي، مانجهند ۾ گلشير کوسو سجاد پيرذادو اڪرم کوسو ايس يو پي اڳواڻ انور مڱڻھار الطاف ميمڻ   جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،مٽياري ۾ سجيل سنڌي، مظهر انڙ، ذوالفقار ڏيٿو ميرپورماٿيلو ۾ جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ،مير حسن لاشاري راجا سنڌو. حنيف سومرو. رحيم ديشي. محب آزاد ميربحر مريد سنڌي،ڪنڌڪوٽ ۾ والي ڏنو سنڌي،بشام سنڌي، ڪامران بنگوار،رفيق لاشاري، امير بخش چاچڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو هوڏانهن ٽنڊو محمد خان ۾  آل سنڌ روينيو ايسوسيئشن پاران معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء ڊپٽي ڪمشنر آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي اڳواڻن پير فيصل جان سرهندي ، سيد سارنگ شاھ ، غلام فاروق ڀٽي  ۽ ٻين  مظاھرين کي خطاب ڪندي چيو ته 32مھينن کان گم ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي اڃان تائين بازياب نه ڪرايو ويو آھي جيڪو عمل انتظاميا لاءِ سواليا نشان بڻيل آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا معصوم نياڻي پريا ڪماري گذريل ٻاويھ مھينن کان ميڊيا جي زينت بڻيل آھي سندس بازيابي لاء سڃي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي پر ڪشمور پوليس جي خاموشي سمجھ کان ٻاھر آھي جيڪو عمل انتھائي افسوسناڪ آھي ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ رھندڙ ھنڌو يا مسلمان سڀ انسان ۽ سنڌ واسي آھن،نصير آباد ۾ بشير باغي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو بشير باغي چيو ته اڍائي سال اڳ سنگرار مان امام حسين عليه السلام جي سبيل ورھائيندڙ معصوم نياڻي پريا ڪماري کي انسان دشمنن اغوا ڪري قيد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي پيرا پيراڻي حويلين ڏانھن وڃن ٿا، معصوم پريا ڪماري جي امڙ نياڻي جي ياد ۾ تڙپي رھي آھي پر افسوس جو حڪمران ۽ پوليس انتظاميا خاموش آهن ھنن مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري   سزا ڏني وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.