خيرپور : ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٽن ٻارڙن جا گهر جي پيتِيءَ مان لاش هٿ

خيرپور (ويب ڊيسڪ ) خيرپور ويجهو ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٽن ٻارڙن جا پيتِيءَ مان لاش هٿ آيا آهن.
خيرپور ويجهو ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ڀيڻ ڀاءُ سميت ٽن ٻارڙن جا پيتِي مان لاش مليا آهن.
شاهنواز شيخ جي گهر مان سندس چئن ورهين جي ڌيءَ مهناز ڇهن ورهين جي پٽ مدد ۽ عرفان شيخ جي ڏهن ورهين جي پٽ عارف جا لاش مليا.
پوليس جو چوڻ آهي ته لاش گهر ۾ موجود پيتِيءَ مان مليا آهن، لاشن کي تحويل ۾ وٺي ظابطي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان جاچ به شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.