اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسلام هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي خط جي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ ميان دائود ايڊووڪيٽ طرفان آئيني درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي سپريم ڪورٽ جي بااختيار ڪميشن ٺاهي انڪوائري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخاوست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو خط هڪ طئي ٿيل منصوبو لڳي لڳي رهيو آهي ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل اهڙن تڪرارن جي جاچ جو ادارو نه آهي.
درخواست گذار جو موقف آهي ته ججن جو سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط عدليا کي اسڪينڊلائز ( تڪراري ) ڪرڻ برابر آهي، 6 ججن پنهنجي خط ۾ پي ٽي آءِ باني جي رڳو هڪ ڪيس جو مثال پيش ڪيو ۽ ان کانسواءِ ڪنهن هڪ به ڪيس جو واضح حوالو ۽ ثبوت ناهي ڏنو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم ججن عدالتي ڪيسن ۾ ڳجهي ايجنسين جي مداخلت تي سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو هو، جنهن ۾ عدالتي معاملن ۾ انتظاميا ۽ ڳجهن ادارن جي مداخلت تي مدد گهري وئي هئي.
هاءِ ڪورٽ جي ججن طرفان لکيل خط جي ڪاپي سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن کي به موڪلي وئي هئي، خط ۾ عدالتي معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو ۽ ايجنسين جي مداخلت جو ذڪر ڪيو ويو هو.
هاءِ ڪورٽ جي ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو هو ته عدليا ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت ۽ ججن تي اثرانداز ٿيڻ جي معاملي تي جڊيشل ڪنوينشن گهرايو وڃي.
سپريم جڊيشل ڪائونسل کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن خط لکيو هو، خط لکندڙن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.