عام شهرين جي فوجي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن وارو معاملو، ڪي پي ڪابينا ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عام شهرين جي فوجي عدالت ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن واري معاملي تي خيبرپختونخوا ڪابينا ۾ اختلاف سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب، ڪي پي ڪابينا اختلاف راءِ سان انٽرا ڪورٽ اپيل واپس وٺڻ جي منظوري ڏني.
ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخوا سپريم ڪورٽ ۾ گذريل ٻڌڻي تي انٽرا ڪورٽ اپيلون واپس وٺڻ جو اشارو ڏنو هو، ڪي پي ڪابينا فوجي عدالتن واري معاملي تي انٽرا ڪورٽ اپيل واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
خيرپختونخوا جي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ڪابينا جي ميمبرن کان هنگامي بنيادن تي سرڪلر ذريعي منظوري ورتي، انٽرا ڪورٽ اپيل واپس وٺڻ لاءِ ڪي پي ڪابينا جي وزيرن کان سمري تي صحيحون ورتيون ويون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صحيح ڪندڙن ارشد ايوب، شڪيل احمد، فضل حڪيم خان، عاقب الله خان، مينا خان، نذير احمد عباسي، سيد قاسم علي شاهه ۽ محمد زبير شامل آهن.
ذريعن موجب، خيبرپختونخوا جي 7 وزيرن اپيل واپس وٺڻ واري سمري تي صحيحون نه ڪيون، جن ڪابينا ميمبرن صحيحون نه ڪيون انهن ۾ عدنان قادري، محمد سجاد، فضل شڪور ۽ پختون يار خان شامل آهن، ان کانسواءِ آفتاب عالم آفريدي، خليق الرحمان ۽ فيصل خان ترڪئي به صحيحون نه ڪندڙن ۾ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.