پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي: هاءِ ڪورٽ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق تحريڪ انصاف کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اسلام آباد انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اوهان کي جيڪي شرط لاڳو ڪرڻا آهن اهي ڪري ڇڏيو.
عدالت ۾ ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سڪيورٽي خدشن سبب جلسي جي اجازت نه ڏني وئي هئي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪنهن جو اسيمبلي جو حق کسي نه ٿو سگهجي، جيڪي شرط نارمل هوندا آهن اهي لڳايو ان ۾ ڪو حرج ناهي، اوهان شرط، قائدا ۽ ضابطا طئي ڪريو، ڪوبه غير معمولي شرط لاڳو نه ڪيو وڃي، جيڪي معياري ٽي او ار هوندا آهن ان موجب اجازت ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي وڪيل شير افضل مروت چيو ته هو هاڻي 6 اپريل تي اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ چاهن ٿا، ڪالهه جيڪو واقعو ٿيو اهو ڊي سي جي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ تي ٿيو آهي،هو هر قسم جي شرطن جي پابندي لاءِ تيار آهن.
چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته رڳو خيال رکو ته ڪو ڏڦيڙ نه ٿئي، پهريان وارا چيف جسٽس به جلسي جي اجازت ڏيندا رهيا آهن، هن به آرڊر ڪيو آهي.
سرڪاري وڪيل چيو ته ڪالهه دهشتگردي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته زندگي رڪجي ته نٿي، هلندي رهي ٿي، هو اهڙي طرح دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ چاهن ٿا.
سرڪاري وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته کيس هدايتون وٺڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته هو اوهان جي رضامندي نه ٿو گهري، فيصلو کيس ڪرڻو آهي.
عدالت ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.