ڊونلڊ لو جي بيان تي ٻيهر جاچ ڪرائي وڃي: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيو آهي ته  اصل سائفر  پرڏيهي آفيس ۾ موجود آهي، اسان کي پيرا فريز ڪاپي ڏني وئي  هئي، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سائفر گم ٿيو ته وزيراعظم پنهنجي آفيس جو چوڪيدار ناهي هوندو، وزيراعظم آفيس  جا ڪجهه سيڪيورٽي پروٽول  هوندا آهن، ڊونلڊ لو جي بيان تي ٻيهر انڪوائري ڪرائي وڃي، آمريڪي سفير ملڻ جيل ناهي آيو.

 

آمريڪي سفير سان ملاقات ٿي ته ڊونلڊ لو جا بيان ۽ آمريڪي سفارت خاني جي ڪردار تي ڳالهائيندس، هن چيو ته 9 مئي واقعن جي جاچ ۽ 8 فيبروري جي چونڊن لاءِ الڳ الڳ جوڊيشل ڪميشن ٺاهي وڃي،هن چيو ته ڌانڌلي واري اليڪشن سبب صدر ۽ سينيٽ اليڪشن جي ڪا به حيثيت ناهي، مون کي جيل ۾ رکڻو آهي ته رکو پر ٻين ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيو، هن چيوته عمر ايوب کي اپوزيشن ليڊر ۽ شير افضل مروت کي پي اي سي جو چيئرمين نامزد ڪيو آهي، پنجاب ۾ 40 ايم پي ايز جي فارورڊ بلاڪ بابت ڄاڻ ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.