عمران کي ڪجهه ٿيو ته حالتن جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ هوندي: بشريٰ بي بي

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي اڊيالا جيل ۾ قائم عدالت ۾ صحافين سان جذباتي گفتگو ڪئي آهي،  جڏهن ته هن جو مڙس ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان کيس روڪيندو رهيو، هڪ موقعي تي عمران خان کيس ٻانهن مان پڪڙي پوئتي وٺي ويو، هن  الزام لڳائيندي چيو آهي ته بني گالا ۾ منهنجي غير موجودگي ۾ ماکي ۾ ڪجهه ملايو ويو.  مان بني گالا پهچي ماکي کاڌي ته طبيعت خراب ٿي وئي. بشريٰ بي بي چيو ته زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي. پي ٽي آءِ جي باني کي ڪجهه به ٿيو ته  ان جي ذميواري اسٽيبلشمينٽ مٿان هوندي. هن چيو ته منهنجي مڙس کي ڪجهه ٿيو ته جنرل عاصم منير، جنرل نديم انجم ۽ جنرل فيصل نصير ان جا ذميوار هوندا، پي ٽي آءِ باني عوام جي آواز ۽ ملڪ ۽ قوم جي خاطر جيل ۾ آهي. پي ٽي آءِ باني ذهني ۽ جسماني طور تي مڪمل فٽ آهي. جيڪڏهن انهي کي ڪجهه به ٿيو ته عوام انهن کي معاف نه ڪندو. عمران خان بشريٰ بي بي کي ڳالهائڻ کان روڪيندي ٻانهن مان جهلي پوئتي وٺي ويو جنهن تي بشريٰ بي بي رد عمل ڏيندي چيو ته  مان بي ضمير ماڻهن سان نه پر باضمير ماڻهن سان مخاطب آهيان. پي ٽي آءِ باني چاهي ها ته اهو بني گالا ۾ آرام جي زندگي گذاريو رهيو هجي ها. پي ٽي آءِ باني اقتدار ۾ ۽ اقتدار کان پوءِ ڪڏهن به ڪنهن کي نقصان نه پهچايو ۽ نه ڪنهن کي مارڻ جو چيو. پي ٽي آءِ باني بدلو وٺڻ نٿو ڄاڻي. مخالف ڪيڏو به زور لڳائي وٺن پر هاڻ اهي عوام ۾ وڃڻ جي قابل نه رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حالتون بهتري طرف نه پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.