گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي ڪئنال مان مرد ۽ عورت جا لاش هٿ

گهارو (ن ع آ) گهارو ڀرسان سلطان آباد ويجهو ڪي ڊي اي ڪينال مان ھڪ مرد ۽ ھڪ عورت جو لاش ھٿ  آيو، مقامي ڳوٺاڻن جي اطلاع تي  گهارو پوليس لاش رورل هيلٿ سينٽر گهارو پهچايا، واٽر بورڊ جي کُليل ڪئنال مان ملندڙ لاشن جي سڃاڻپ سهيل ۽ شبنم طور ٿي آھي جيڪي منظور ڪالوني محمود آباد ڪراچي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن، جڏھن ته 2 ڏينهن اڳ ڪئنال ڀرسان پوليس کي هڪ لاوارث موٽر سائيڪل پڻ ھٿ آئي هئي جيڪاپڻ انهن جي ٻڌائي پئي وڃي، ڊاڪٽرن موجب لاش ٽي ڏينهن پراڻا آھن، رورل هيلٿ سينٽر گهارو مان ضروري ڪاروائي بعد ٻئي لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي کين ڪراچي کڻائي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.