نوشهروفيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) دريا خان مري ڀرسان زميني تڪرار تي هڪ ڄڻو قتل، 3 ڄڻا زخمي، دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان مُوروجو ۾ زمين جي معاملي تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ سبب گوليون لڳڻ ڪري شديد زخمي اقبال مُوروجو نواب شاهه اسپتال ريفر دوران رستي ۾ فوت ٿي ويو جڏھن ته مقتول ڌر جو صدام مُوروجو رَتو مُوروجو ۽ ٻي ڌر جو راشد مُورجو کي زخمي حالت ۾ دريا خان مري اسپتال کان پوءِ نوابشاهه اسپتال داخل ڪيو ويو، ٻئي پاسي دريا خان مري ۽ پڊعيدن پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي ويئي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته سئوٽن نعيم اختر مُوروجو ۽ اقبال مُوروجو واري ڌر ۾ زمين جي ھڪ ايڪڙ زرعي زمين ۾ پاڻي وھڻ دوران زمين جي مالڪي تان اهو واقعو پيش آيو.