اعظم سواتي، مراد سعيد ۽ اظهر مشواڻي سينيٽ چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل قرار

پشاور( م ڊ) سينيٽ اليڪشن لاءِ اپيليٽ ٽربيونل اعظم سواتي،مراد سعيد ۽ اظهر مشواڻي جا ڪاغذ منظور ڪندي سينيٽ جي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي سينيٽ جي جنرل سيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن تي اپيليٽ ٽربيونل جي جج جسٽس شڪيل احمد اڄ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.اپيليٽ ٽربيونل سينيٽ جي جنرل سيٽ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن.جسٽس شڪيل احمد چيو ته ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ اپيل تي فيصلو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.ٻئي پاسي اپيليٽ ٽربيونل پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد کي سينيٽ چونڊن لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. اپيليٽ ٽربيونل جي جج جسٽس شڪيل احمد مراد سعيد جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ٽربيونل مراد سعيد جي اپيل منظور ڪري ورتي. ان کان علاوه اپيليٽ ٽربيونل سينيٽ جي جنرل سيٽ تي وڙهڻ لاءِ اظهر مشواڻي جا نامزدگي ڪاغذ به منظور ڪري ورتا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.