گهوٽڪي ۾ امن جو پکي اڏامي ويو، هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

گهوٽڪي(ت ر)گهوٽڪي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي، گھوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد رحموالي پارڪ ۾ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن  گوليون ھڻي ڳوٺ موسيٰ لولائي واسي نوجوان ميرل لولائي کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تعلقي اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪرايو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيش آيو، هڪ ڌر جي چار موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نٿي سگھيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.