قاضي احمد ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڦورو مارجي ويو

قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو) قاضي احمد پٻجو لنڪ روڊ تي مبينا پوليس مقابلو مقابلي ۾ پوليس پاران هڪ ڦورو عبدالجبار ولد علي نواز شر مارجي ويو، قاضي احمد پوليس  موجب ته پٻجو لنڪ روڊ تي گشت دوران ڦر جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن پوليس موبائيل کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني پوليس ۽ ڏوهارين وچ مقابلو ٿيو مقابلي ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري عبدالجبار ولد علي نواز شر مارجي ويو جنهن جو لاش قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس موجب مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري عبدالجبار ولد علي نواز شر ويٺل نزد ڄام صاحب جيڪو پوليس کي مختلف کيس ۾ گهربل هو جيڪو پوليس مقابلي دوران مارجي ويو آهي جنهن وٽان هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.