دادو ۾ ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار جو نبيرو، 2 ڪروڙ 11 لک ڏنڊ

دادو(رپورٽ:غوث جهتيال) دادو ۾ پنهور ڪوٽ تي ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو، پنهور برادري جي چيف سردار  مير چنگيز خان پنهور جي سرپنچي ۾ ڌرين ۾ مشيرن جي موجودگي ۾ ڳالهيون ٿيون. سال 2020 کان هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ ڌرين جا 7 ماڻهو قتل ٿي ويا هئا جنهن ڪري دادو ضلعي جي ڪچي واري علائقي ڪي ٽي ڀرٽ ۾ ڌرين جو زمين تان تڪرار شروع ٿيو هو. پنهور ڪوٽ تي چيف سردار مير چنگيز خان پنهور جي سرپنچي ۾ ٿيندڙ نبيري ۾ مير تيمور پنهور، بابل خان ڀيو، معظم خان عباسي، عبدالنبي ٿهيم، نوروز خان جمالي خاص شرڪت ڪئي، تڪراري ڌر نمبر 1 لکمير خان ڀرٽ ۽ ٻي ڌر جي عبدالحڪيم خان ڀرٽ جي زرعي زمين 144 ايڪڙن تان جهيڙو ٿيو هو .فوتين ۽ زخمين جو ڏنڊ ٽوٽل 2 ڪروڙ 11 لک رپيا مقرر ڪيو ويو، جيڪا رقم ڌريون هڪ ٻئي کي ادا ڪنديون، نبيري ۾ ضلعي ڪائونسل دادو جي چيئرمين ۽ پ پ پ اڳواڻ سيد محمد شاهه ۽ رئيس امام علي ڀرٽ وچ ۾ هلندڙ زميني تڪرار جي نبيري جي ذميواري رفيق احمد جمالي ۽ تيمور پنهور جي حوالي ڪئي وئي جيڪي ڌرين جي تڪراري زمين جا دنگ ڏئي ڌرين کي زمين ورهائي ڏيندا، هن نبيري ۾ رفيق احمد جمالي، اظهر ڪماريو، محمد اشرف سولنگي، مير شوڪت خان پنهور، فهد خان پنهور، سليم خان ڀرٽ، پرويز خان ڀرٽ، برڪت علي ڀرٽ، ميان نجيب الله خان پنهور، سائينداد خان پنهور، ڊاڪٽر شاهد حميد پنهور، طالب پنهور، قاضي امتياز احمد قريشي سميت پنهور برادري جي معززين ۽ علائقي جي مختلف برادرين جي نيڪ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تڪراري ڌر لکمير خان ڀرٽ ۽ عبدالحڪيم خان ڀرٽ جي نبيري بعد سندن مشيرن جي موجودگي ۾ ٺهيل فيصلي جي فتويٰ چيف سردار مير چنگيز خان پنهور جي هدايتن تي علائقي جي معزز ميان نجيب الله خان پنهور پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ ڌرين ٿيل فيصلي کي قبول ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.