دڙو /بلڙي شاهه ڪريم (نمائندن وٽان)دڙي ويجهو ڳوٺ علي محمد سهتو ۾ سهتا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان ھلندڙ فيصلي دوران جوابدارن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن بعد جهيڙي کي ٽارڻ دوران خنجر لڳڻ سبب نوجوان مراد سهتو مارجي ويو.ٻئي طرف مقتول مراد سهتو جي ڀاءُ محمد علي سهتو چيو آهي ته منهنجي پٽ عرفان سهتو ڪجھه ڏينھن اڳ ناري امينا ڌيءَ غلام محمد سهتو سان پسند پرڻو ڪيو هو جنهن جي فيصلي حوالي سان اسان کي گهرايو ويو هو، جنهن بعد جوابدار علي محمد عرف نواب سهتو خنجر جا وار ڪري منهنجي ڀاءُ مراد سهتو کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.