پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي) پيرجوڳوٺ ڀرسان 9 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان کي پوليس آزادد ڪرائڻ ۾ ناڪام، ڀنگ لاءِ ڌاڙيلن جي وري فون، نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو متل، پيرڳوٺڀرسان ڳوٺ ڪوڏ ميتلو واسي 9 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پورهيت ياسين ميتلو کي خيرپور پوليس آزاد ڪرائن ۾ناڪام ٿي وئي، مغوي نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، پاڪ ڪتاب جو ورد پڻ جاري آهي، مغوي نوجوان جي معصوم پٽ مسڪين ۽ ڌيءَ ياسمين ميتلو مغوي پيءُ جي آزادي لاءِ تصوير کڻي احتجاج ڪيو، ان سلسلي ۾ مغوي پورهيت نوجوان جي ڀاءُ نادر ميتلو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀاءُ ياسين ميتلو کي اغوا ٿيندي کي 9 ڏينهن گذري ويا ڌاڙيلن 3 ڏينهن اڳ ڀاءُ جي موبائيل تان فون ڪري 50 لک روپيا ڀنگ ڪريو آهي، جڏهن ته رات وري ڌاڙيلن فون تي ڀنگ ڏيڻ لاءِ زور ڀريو آهي، ڀاءُ جي اغوا جو ايس ايس پي خيرپور پڻ نوٽيس ورتو پر تدارڪ ناهي ٿيو، سخت پريشان آهيون مغوي ياسين ميتلو کي معصوم ڌيءَ پٽ جو اولاد آهي ٻارڙن جي امڙ اڳ ئي فوت ٿي چڪي آهي سندن پيءُ ڌاڙيلن وٽ قيد آهي، پورهيت آهيون 50 لک رپيا ڀنگ ڏيڻ جي طاقت ناهي، ڌاڙيلن ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ تي مغوي نوجوان جو لاش موڪلڻ جي ڌمڪي ڏني آهي جنهن ڪري گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، مغوي نوجوان جي معصوم ٻارڙن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته جلد سندن والد کي آزاد ڪرائي حياتي بچائي وڃي، معصوم ٻارڙن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو وڃي، ياد رهي ته نوجوان ياسين ميتلو ٽريڪٽر ڊرائيور آهي جنهن کي 9 ڏينهن اڳ ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا آهن.