جسقم پاران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اڄ احتجاج جو سڏ

حيدرآباد(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته پريا ڪماري سنڌ جو اشو بڻجي ويو آهي، سڄي سنڌ جو مطالبو آهي ته پريا  ڪماري کي بازياب ڪرايو، پر سرڪار ڪن لاٽار اختيار ڪيو ويٺي آهي، سنڌ ۾ لاقانونيت، بدامني، ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سرڪار ڪٿي به نظر نٿي اچي، معصوم پريا ڪماري گم ٿئي اڍائي سالن کان مٿي ٿي ويو آهي، پر سندس ڪو به پتو ناهي، اڄ سڄي سنڌ ۾ پريس ڪلبن جي اڳيان جسقم ڪارڪن معصوم نياڻي پريا ڪماري جون تصويرون کڻي احتجاج ڪري  پريا جي بازيابي جو مطالبو ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.