عمران شفقت ۽ عامر مير خلاف ڪيس واپس ، ميڊيا سان ٿيل وارتا تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي طرفان صحافين کي جاري ڪيل نوٽيسز بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ صحافين سان ڇا ٿيو آهي، ان  تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي به خبر آهي ته ايف آءِ آر ڪيئن ٿيندي آهي، ماڻهو تاريخ وساري ڇڏيندا آهن ته ان وقت ڪير اقتدار ۾ هو، عوام جو اڄ کان مسئلو آهي. هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا عمران شفقت خلاف ڪو پڪو ڪيس آهي؟ ڪو سنگين ڏوهه هو. جواب ۾ اٽارني جنرل چيو ته عمران شفقت ڪو سنگين ڏوهه ناهي ڪيو، مان سمجهان ٿو ته ان ڪيس ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هو رياست کان پڇي رهيو آهي ته صحافين تي ڏوهه آهي يا نه؟ جواب ۾ اٽارني جنرل چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪو به ڏوهه ناهي ٿيو. ان دوران ايف آءِ اي صحافين عمران شفقت ۽ عامر مير خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو يقين ڏياريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.