ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن عورتن سوڌو 22 ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائيندڙ ساوند-سندراڻي ڪارنهن تڪرار جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ قافلو قرآن پاڪ کڻي ڌرين وٽ پهتو، ڪچي ۾ سندراڻي-ساوند ھلندڙ ٻن سالن کان خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ علائقي جي چڱن مڙسن سيد رحم علي شاھ، مقدم جعفر گولو، محمد ابراهيم گولو، ڀورو باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قرآن پاڪ کڻي ھڪ منٿ ميڙ قافلو ڪچي ۾ رئيس حبيب الله ساوند، بشير ساوند وٽ پھتا، منٿ ميڙ قافلي ۾ شريڪ ماڻهن ساوند ڌر جي معززين کي ٺاهه ڪرڻ ۽ خوني تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي ۽ قرآن پاڪ جا پڻ واسطا ڏنا، ان موقعي معززين جو ساوند برادري جي ماڻهن کي چوڻ هو ته خوني تڪرار ختم ڪيو وڃي ته جئين بي گناھ ماڻھون مارجي وڃڻ کان بچي سگهن، ساوند ڌر جي چڱن مڙسن جواب ۾ آيل منٿ ميڙ قافلي ۾ شريڪ معززين کي مثبت موٽ ڏني ۽ ٺاهه لاءِ راضپو ڏيکاريندي ٺاهه جي حامي ڀري، بعد ۾ منٿ ميڙ قافلو مقدم رمضان سندراڻي، ڄام سندراڻي، راحب سندراڻي ۽ گڏو سندراڻي وٽ قافلو پهتو، قافلي ۾ شريڪ ماڻهن سندراڻي برادري جي ماڻھن کي چيو ته خدارا خوني تڪرار ختم ڪيو خوني تڪرار تباهي کان سواءِ ڪجھه به نه آهي، وني تڪرارن سبب ڳوٺ اوطاقون ويران آهن ٻارڙن جي تعليم تباھ آهي جنھن ڪري ٺاهه ڪيو، منٿ ميڙ قافلي کي سندراڻي برادري جي معززين ماڻهن مثبت موٽ ڏيندي ٺاهه ۽ جنگ بندي لاءِ راضپو ڏيکاريو، منٿ ميڙ قافلي ۾ آيل معززين چيو ته گذريل ٻن سالن کان ڪارنھن تڪرار تان ڪر کنيل ساوند سندراڻي ھلندڙ خوني تڪرار ۾ ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا ٻن عورتن سميت 22 ماڻھون قتل ۽ چار کان وڌيڪ پڻ زخمي ٿي چڪا آهن، روزانو ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ھلندڙ آهي جنھن سبب علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي ۽ ماڻھون سخت پريشان آهن جنھن ڪري ڪوشش آھي ته ڌرين جي وچ ۾ ٺاهه ٿئي.