سرڪاري ايوارڊ وٺڻ يا نه وٺڻ وارو معاملو

تحرير؛سجاد ظهير

صدارتي يا سرڪاري ايوارڊ وٺڻ هر هڪ ليکڪ ۽ فنڪار جو حق آهي. ڪجھه  ليکڪن، اديبن، دانشورن ۽ ڏاهن کي ان وقت پنهنجي ذهانت جي خبر پوي ٿي جڏهن سرڪاري طور کين ڪنهن وڏي اعزاز سان نوازيو وڃي ٿو. اهو اعزاز ملڻ کان پوءِ هو سمجهن ٿا ته  هو واقعي ئي وڏو ڪردار ادا ڪري چڪا آهن. اهڙن سرڪاري انعامن جي به  هڪ ڊگهي لسٽ آهي.

صدارتي يا ڪو به  وڏو سرڪاري ايوارڊ گهڻا ليکڪ عوامي يا چونڊيل حڪومت کان وٺڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. گهڻا ته  چاهيندا آهن ته  ڪهڙي به  حڪومت هجي پر ايوارڊ ضرور ملي ڇاڪاڻ جو سرڪاري ايوارڊ جي ايڏي وڏي حيثيت ناهي پر سرڪاري طور لکن ۾ جيڪا رقم هوندي آهي. اها گهٽ ۾ گهٽ 1 ملين کان گهٽ نه  هوندي آهي، انهيءَ لاءِ اهو ايوارڊ ان لاءِ به  ضروري هوندو آهي. ان ايوارڊ کي هڪڙا ليکڪ ۽ فنڪار وٺڻ جي حق ۾ ڪونه  هوندا آهن، ٻيا وري وٺڻ وارن جي حق ۾ ان ڪري به  دليل ڏيندا آهن ته  جيئن اڳئين ڀيري کين به  اهو ايوارڊ ملي ۽ رقم به  حاصل ڪري سگهن.

صدارتي ايوارڊ کي نه  وٺڻ وارن جي به  هڪ ڊگهي لسٽ آهي، سرائيڪي جو شاعر اشو لال، اردو ٻوليءَ جي شاعره فهميده رياض (سندس نياڻي اهو ايوارڊ نه  ورتو)، سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪ عطا محمد ڀنڀري، تاج جويي، پنجابي جي ليکڪه افضل توصيف ۽ ٻيا کوڙ اديب آهن جن ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو. مون ڪٿي پڙهيو ته  حبيب جالب کي ايوارڊ ڏيڻ جو پڻ سوچيو ويو پر سرڪار کي خبر هئي ته  هي عوام جو شاعر آهي ڪونه  وٺندو، ان لاءِ جالب صاحب اهڙن اعزازن کان پري رهيو. تڏهن ئي جالب بڻيو. ڪجھه  دوستن جو چوڻ آهي ته  فيض احمد فيض کي به  صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو، مون وٽ جيڪا ڄاڻ آهي ان موجب فيض احمد فيض کي اهڙو ڪوبه  ايوارڊ ناهي مليو، ها کيس ٻيا کوڙ عوام جا ايوارڊ ڏنا ويا، جنهن ۾ ” لينن امن ايوارڊ” پڻ شامل آهي.

عالمي اديب ۽ دانشور سارتر کي پڻ سندس حڪومت ۽ ڪجھه  ٻين ملڪن جي سرڪار پاران انعام ڏنا ويا جيڪي هن وٺڻ کان انڪار ڪيا، سندس چوڻ هو ته  ايوارڊ ليکڪ جي تخليق تي اهڙا اثر مرتب ڪن ٿا، جن کان پوءِ ليکڪ آزادي سان نٿو لکي سگهي، سارتر ته  دنيا جو تمام وڏو ايوارڊ "نوبل پرائز” به  نه  ورتو.ايوارڊ ڏاهپ جو تعين ڪين ڪندا آهن، بلڪل ايوارڊ اهي ليکڪ وٺندا آهن، جيڪي سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان ڪوهان ڏور ڀڄندا آهن. هن وقت ڪيترائي اديب ۽ فنڪار صدارتي ايوارڊ جا هار پائي چڪا آهن، هاڻ هو واقعي ئي فن جا وڏا فنڪار ۽ قلم ڪار بڻجي چڪا آهن. فن ڪنهن به  انعام جو غلام ڪونهي. جن وٽ ڏاهپ آهي ۽ وڏو فن آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.