ڪيم روح رھاڻ….

تحرير : ڄام صنم سنڌي

درٻاري ھونئن ته ان کي چئبو آھي جيڪو ڪنھن بادشاھ جي درٻار سان جڙيل ھجي، کيس اتي ڪو عھدو يا منصب مليل ھجي ۽ خوشامند ڪرڻ خوب ڄاڻيندو ھجي ڇو ته بادشاھن کي سدائين خوشامدي ماڻھو وڻندا آھن سچن ۽ تنقيد ڪندڙن کي ھُو ڦاهي چاڙھيندي ۽ سزا ڏيندي دير ناھن ڪندا. اھو ئي سبب آھي جو اڄ تائين خوشامد ڪندڙن کي درٻاري چيو ويندو آھي.

انھن درٻارين ۾ ھر قسم جا ماڻھون ٿي سگھن ٿا شاعر، اديب، عالم، فنڪار، طبيب، مصور، مفڪر، جنگجو، امير، وزير وغيره درٻاري سدائين سکيا ستابا ۽ سڻڀي ٽڪر وارا رھندا آھن ڇو ته ھو سدائين ڪنھن نه ڪنھن درٻار سان جڙي انجا راڳ ڳائيندا رھندا آھن جنھن جي عڪاسي ھي مختصر قصو سھڻي نموني ڪري رھيو آھي.

”ھڪ بادشاھ پنھنجي درٻارين سان گڏ شڪار لاءِ نڪتو شڪار جي ڳولا ڪندي جھنگ مان ٿيندو ھڪ ڳوٺ ۾ پھتو اتي بادشاھ جي نظر ٻنيءَ ۾ پوکيل واڱڻ جي ٻوٽي تي پئي بادشاھ درٻارين کان پڇيو ”ھي سھڻو ميوو ڇا جو آھي؟“ بادشاھ جي واتان سھڻو لفظ ٻڌندي ئي وزير اعظم چيو ”بادشاھ سلامت مٿي تي سھڻو تاج پاتل واڱڻائي رنگ جي ھيءَ ھڪ ڀاڄي آھي“ ٻئي درٻاريءَ يڪدم چيو ”بادشاھ سلامت ھن جي صحت ته ڏسو گول مٽول ڄڻ ڀاڄين جو بادشاھ ھجي“ ھڪ ٽئين درٻاريءَ به سُر ملائيندي چيو”قبلا جڏھن ھي ڀاڄي  ٺاھبي آھي ته ھن جو سواد سڀني کان نرالو ھوندو آھي“ اھو ٻڌندي ئي بادشاھ حڪم ڏنو  ته اڄ شاھي کاڌي طور واڱڻ ٺھڻ گھرجن. رات جو سڀ درٻاري بادشاھ سان گڏ مانيءَ لاءِ ويٺا شاھي دسترخوان لڳايو ويو بادشاھ کي واڱڻن جي ڀاڄي پيش ڪئي وئي پھريون گرھ کائيندي ئي بادشاھ چيو ھي ته صفا بي سوادي آھي کائڻ سان ئي منھنجي دل خراب ٿي رھي آھي اھو ٻڌندي ئي ويجھو ويٺل وزير اعظم چوڻ لڳو ”حضور واڱڻ جيترا سھڻا ڏسڻ ۾ ايندا آھن کائڻ ۾ اوترا بي سوادا ھوندا“ ٻئي درٻاري چيو بادشاھ سلامت مٿي تي تاج رکڻ سان ھر ڪو بادشاھ ناھي بڻجي ويندو اوھان جھڙو نصيب ۽ خوبيون ھر ڪنھن کي ناھن ملنديون، ٽئين درٻاريءَ چيو سائين مون کي ته واڱڻن کان سخت نفرت آھي گھر ۾ سڀني کي چئي ڇڏيو اٿم ته ڪجهھ به رڌيو پر واڱڻ صفا نه ٺاھجو، چوٿين درٻاريءَ به حصو ڳنڍيندي چيو ته بادشاھ سلامت ھن ڀاڄيءَ جو ته ٻين ڀاڄين سان ٺاھ به ناھي جيڪڏھن پٽاٽن يا ٻي ڪنهن ڀاڄي سان گڏ ٺاھجي ته لڳندو آھي ڄڻ زوريءَ رشتو جوڙيو اٿئون سڀني پڪن پختن گزٽيڊ درٻارين ۾ ھڪ نئون ۽ سادو سودو وزير به ويٺو ھو سو ان ڀرسان ويٺل درٻاريءَ کان پڇيو ته صبح ته ھي سڀ واڱڻ جي تعريف ۾ نه پيا ماپن ھينئر يڪدم سندن راءِ مٽجي ڇو وئي رڳو بادشاھ جي ٿورڙي ناپسنديدگيءَ سبب ڀاڄيءَ ۾ ايڏا عيب ڪڍي ورتن ڀرسان ويٺل درٻاريءَ چيس: ”ڏس تون اڃان نئون آيو آھين ان ڪري نٿو سمجھين بس ھڪ ڳالھه ياد رک ته اسين سڀ بادشاھ جي نوڪري ڪندا آھيون. واڱڻ جي نه“

صحيح چوندا آھن ته قيمت ڀلي ڪيتري به ھجي پر جي ماڻھو وڪامي وڃي ته پوءِ صفا سستو ٿي ويندو آھي سو درٻارين جو دور رڳو بادشاھن تائين نه ھو بلڪه اڄ به اوھان نظر ڊوڙائيندئو ته ھر ھنڌ اوھان کي درٻاري سستا نظر ايندا جيڪي خسيس فائدن عيوض پنھنجو ضمير وڪڻي سڄو ڏينھن خوشامد ڪندي صبح جو واڱڻ تي مقالا ٿا لکن ۽ شام جو تنقيد ڪندي ٿڪجن نه ٿا صبح جو واڱڻ جي تعريف ۽ قصيدا ته شام جو وري ناقابل برداشت جا فتوا ٿا ڏين. اھو ياد رکو ته درٻار ڀلي ڪيڏو به وڏو ھجي ۽ درٻاري ڀلي ڪيڏو به اھم ھجي پر ڪنھن سچي، ارڏي ، بھادر ۽ سورھيه اڳيان سندس حيثيت ٽڪي جي به ناھي ھوندي اوھان پاڻ پنھنجي ضمير کان پڇجو ته اھو اوھان کي ڪنڌ کڻي جيئڻ جي صلاح ٿو ڏئي يا واڱڻ تان ئي ارواح کڻائي ٿو ڇڏي.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.