راڻيپور(ن ع آ) درازا شريف ۾ سچل سرمست رحه جي درگاھ سامھون سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ ادبي سنگت ضلعي خيرپور پاران احتجاجي مظاهرو ڪري، پوليس جي نااھليءَ خلاف نعري بازي ڪئي وئي، مظاھري ۾ وڏي انگ ۾ اديبن، شاعرن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي ضلعي خيرپور رابطه سيڪريٽري آزاد انصاري، قربان گل، ڄام محبت سهتو، وفا گل زبير سومرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي آھي. جيڪا محرم الحرام جي مهيني ۾ سبيل هلائيندي اغوا ٿي وئي. پر 3 سال گذرڻ باوجود سکر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي.