پريا ڪماري جي اغوا بعد 25 هندو خاندانن جي لڏپلاڻ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ناليواري صحافي رياض سهيل ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته سکر جي صالح پٽ واري علائقي مان 3 سال اڳ عاشور جي ڏينهن اغوا ٿيل ستن ورهين جي ٻارڙي پريا ڪماري جي والدين جي پنچائت مدد نه ڪئي پر کين ڪيس ۽ ميڊيا کان پري رهڻ جو حڪم ڏنو. ان واقعي کان پوءِ 25.20 هندو  خاندانن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، هن ننڍڙي شهر ۾ چند حويلين جا آثار موجود آهن، جيڪي ورهاڱي وقت پنهنجو وطن ڇڏي ويا هئا.

  1. پريا ڪماري معاملي تي ادارن سميت اقليتي ميمبر به خاموش آهن: سلطانپور واسي

سلطانپور(رپورٽ: قربان علي مهر )سلطانپور ۾  شھرين پاران معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ  ايڊوڪيٽ عابد علي جوڻيجو، توسيق سمائر، زوهيب سمائر، نويد سمائرجي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،اڳواڻن چيو ته اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر عوام لاءِ ناسور بڻجي ويو آهي مظاھرين چيو ته ھڪ معصوم نياڻي جو آخر ڏوھ ڪھڙو آهي اڄ پريا ڪماري جي واپسي لاءِ سندس امڙ جا نيڻ انتظار پيا ڪن پر افسوس هتي سڄو سسٽم خراب ڪري عوام کي پريشان ڪيو ويو آهي مظاھرين چيو ته آخر ڪار سنڌ حڪومت توڙي رياستي ادارا به ان مسئلي تي بلڪل خاموش ڇو بڻيل آهن جڏهن ته اقليت جا چونڊيل نمائندا به بلڪل خاموش تماشائي بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.