شاهپورجهانيان ڀرسان قبيلائي تڪرار تان 7 ڄڻا قتل، 8 زخمي

نوابشاھ / قاضي احمد (رپورٽ: غلام نبي ڀنڀرو/ايم بي چانڊيو/ مومن جوڻو) شاهپورجهانيان ڀرسان زميني تڪرار تان ڏاهري برادري ۾ جهيڙو، 7 ڄڻا قتل، 8 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪڻڪ جي فصل، واري جي کڏن ۾ پيل رهيا، وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺي، معاملي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏئي ڇڏيو. پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش ڏاهري ۾ زمين جي مقاطعي جي تڪرار تان ڏاهري برادري ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جي عبدالغني ڏاهري ۽ ٻي ڌر جي مبين ڏاهري، مراد ڏاهري، محمد ابراهيم، روشن، مختيار ڏاهري ۽ بشير ملاح سميت 7 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته سعيد خان ڏاهري، غلام رسول، غلام قادر، نبي بخش ۽ غلام شبير ڏاهري سميت 8 ڄڻا گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، فائرنگ دوران علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، فوتين جا لاش ۽ زخمي ڪيترو ئي وقت ڪڻڪ جي فصل ۽ واري جي کڏن ۾ پيل رهيا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي فوت ٿيلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شاهپور جهانيان اسپتال منتقل ڪرايا، جڏهن ته هڪ فوتي جي لاش کي پي ايم سي اسپتال نوابشاهه ۽ زخمين کي علاج لاءِ پي ايم سي اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو. جتي فوتين جو پوسٽ مارٽم ۽ زخمين جو علاج ڪيو پئي ويو، واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي، واقعي جو وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي جلد انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ زمين جي وارثي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان ٻنهي ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، هوڏانهن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، واقعي واري جاءِ تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن وڌيڪ جهيڙي کي روڪي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.