ڪراچي اوڀر( شفقت نوناري ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قائم مقام چيرمين ڄام فتاح سميجو ڪراچي ايسٽ پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تـ سنگرار مان 3 سال اڳ اغوا ڪيل معصوم پريا ڪماري کي پوليس ھن وقت تائين بازياب نـ ڪرائي سگھي آھي جيڪا پوليس ۽ واڳ ڌڻين لاءِ شرم جو مقام آھي تـ اھي مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھن ڄام فتاح سميجو وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ سنڌ اندر ھر روز ماڻھو اغوا ۽ قتل ٿين پيا پر پوليس رڳو سردارن ۽ ڀوتارن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آھي ھن وڌيڪ چيو تـ واڳ ڌڻي نٿا چاھين تـ سنڌ اندر و امان جي صورتحال بھتر ھجي ھٿ سان وٺي ڪري حالتون خراب ڪيون ويون آھن جيئن عوام سک جو ڪو ساھ کڻي نـ سگھي ۽ بدامني جي باھ ۾ عوام ڌڪيل ھجي ھن چيو تـ پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ رمضان شريف کانپوءِ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي