اسلام آباد(م ڊ)پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ٽيم پاران اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن لاهور ۾ اي ايس پي شهربانو قريشي جي دعوت تي پهتل شاهد آفريدي تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ڪري لکيو ويو ته شلوار قميص پائڻ سان ڪو ڪپتان(عمران خان) جهڙو نٿو بڻجي سگهي،پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت لکيو ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيمن کي گذارش آهي ته شاهد آفريدي بابت سٺيون ڳالهيون شيئر ڪن، شاهد آفريدي خلاف 9 مئي تي مبينا بيان ڏيڻ کان پوءِ مهم هلي رهي آهي. مون ڏٺو ته شاهد آفريدي خلاف مون سان منسوب ڪجهه بيان آهن. تنهنڪري اسان کي جعلي خبرن کي رد ڪرڻ گهرجي.