بڊاڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل، لاش درياهه ۾ لوڙهيو ويو

بڊاڻي (رپورٽ: مقبول مڙل) بڊاڻي ۾ڪارنهن الزام ھيٺ نوجوان ناري مڙس هٿان وڏي بيدردي سان بندوق جا فائرڪري قتل، لاش درياهه لوڙهي گم ڪري ڇڏيو، مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڪي ڪي بند ڳوٺ احمد ڀيو ۾  ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار مڙس علي بخش ڀيو پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي 22  ورهين جي نوجوان گهر واري روبينا ڀيو کي وڏي بيدردي سان بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان ناري جي لاش کي سنڌو درياهه ۾ لوڙھي گم ڪري ڇڏيو، جوابدار مڙس فرار ٿي ويو، واقعي بعد مياڻي پوليس واقعي واري تي پهچي لاش جي ڳولا شروع ڪري ڏني جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جوابدار به گرفتار نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.