شڪارپور مان معصوم ٻارڙو اغوا، وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب، ڌرڻو

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور ۾ اغوا ئن تي ضابطو نه آيو،لکي در ٿاڻي جي حد شڪارپور شھر جي الف شاھ شھيد پاڙي واسي معصوم ٻارڙو مھربان ڀٽي مبينا طور اغوا ٿي ويو ڌاڙيلن وارثن کان ڀنگ طلب ڪري ورتو،مغوي جي والد عبدالخالق ڀٽي ٻڌايو ته ٽن ڏينھن کان 8 سالن جو ٻارڙو مھربان علي ڀٽي گم ھو جنھن جو اطلاع لکي در پوليس کي ڏنو پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو مغوي معصوم ٻارڙي جي والد جو وڌيڪ ٻڌايو ته ھن کي ڏوھارين ڪال ڪري پنجاھ لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي، ڏوھاري اھو نه ٿا ٻڌائين ته ٻارڙي کي ھنن ڪٿي رکيو آھي ڏوھارين ڌمڪي ڏني آھي ته جيڪڏھن کين ڀنگ نه ڏنو ويو ته ٻارڙي کي قتل ڪري ڇڏيندا، ٻئي پاسي مغوي جي وارثن ۽ جيئي سنڌ محاذ ۽ سول سوسائٽي پاران ميراڻي باغ کان لکيدر گھنٽاگھر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاج ڪندڙن گھر ڪئي ته مغوي معصوم مھربان علي ڀٽي سميت شڪارپور مان اغوا ڪيل 11 مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، ھوڏانھن شڪارپور پوليس جو چوڻ آھي ته ٻارڙي جي گم ٿيڻ جو اطلاع مليو ھو اغوا ٿيڻ جي خبر ناھي وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.