سڪرنڊ ۾ پريا ڪماري لاءِ عورتن ۽ معصوم ٻارن جو احتجاج

سڪرنڊ(ن ع آ) معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ سول سوسائٽي سڪرنڊ پاران عورتن ۽ معصوم ٻارڙن پاران  ڪائنات چنا، ثنا اعجاز چنا، سنڌ امر ڪيريو، عظمٰى، اعجاز چنا ۽ امر ڪيريو  جي اڳواڻيءَ ۾ سڪرنڊ جي نياڻين سان گڏ ريلي ڪڍي وئي، ريلي چانڊيا پئٽرول پمپ کان ميڊيا سينٽر چوڪ تي پهتي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ غنڊا راڄ قائم آهي جتي نياڻيون به محفوظ ناهن، هنن چيو ته 22 مهينا اڳ محرم جي با برڪت مهيني ۾ سبيل پياريندي 7 سالن جي ننڍڙي  نياڻي پريا ڪماريءَ کي اغوا ڪيو ويو، جنهن جو اڄ تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي، ان جا والدين روئي رڙي رهيا آهن پر ڪير ٻڌڻ وارو ڪونهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.