ميرپوربٺورو(رپورٽ امتياز علي سومرو) ميرپوربٺورو ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هندو پنچائت ميرپوربٺورو جي صدر ڊاڪٽر سريش ڪمار جي اعلان تي عمل ڪندي هندو برادري ميرپوربٺورو ۾ هولي جو تهوار نه ملهايو جڏهن ته هندو پنچائت، شهري اتحاد ۽ واپاري ايسوسيئيشن پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ميرپوربٺورو جي علي بندر محلي کان شهري اتحاد اڳواڻ فقير محمد علي خواجه، ڏاڏا اسماعيل شورو ، حاجي موسيٰ کٽي ، قاسم رنگريز ، واپاري ايسوسيئيشن صدر عبدالغفور ميمڻ،، ڊاڪٽر غلام رسول زئور، ڪرشن ڪمار، هندو پنچائت اڳواڻ ڪاڪا نٿو مل، سيٺ سيرو مل، سريش ڪمار، اشوڪ ڪمار، منوج ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ميرپور بٺورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته حڪمرانن کي پريا ڪماري جي والده جي التجا جي ڪا پرواهه ناهي رهي