بدين ۾ بدامني خلاف شهري اتحاد جو ڌرڻو

بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو)بدين شھر ۾ بدامني وڌڻ چورين ڌاڙن ۽ڦرن جا واقعا ٿيڻ ۽ چور گرفتار نه ٿيڻ خلاف بدين شھري اتحاد جي اڳواڻن طارق عزيز ميمڻ، عاشق خواجه، محمد امين جوڻيجو،رحيم خواجا،خان صاحب  الھبچايو ميمڻ، ڊاڪٽر نواز عباسي،عمران پپي خواجا، اقبال آبلاڻي، شجاعت حسين خواجا، ممتاز پنھور، عبدالغني جوکيو ۽ انيس ميمڻ جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ شھرين ۽ واپارين ايوان صحافت بدين آڏو احتجاجي مظاھري ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بدين ۾ ھڪ ھفتي اندر ھول سيل جي واپاري محمد سومرو شعيب ميمڻ جي موبائل جي دڪان مان چوري،احمد شيخ جي بيٽرين جي دڪان مان چوري حاجي غني عباسي جي مينيجر کان ٿيندڙ 32 لک جي ڦر سميت موٽر سائيڪل ڦر سميت مختلف چورين جي وڌي وڃڻ سبب شھري عدم تحفظ جو شڪار آھن،ھنن چيو ته ايس ايس پي بدين سان ملاقات بعد به جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا آھن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.