پشاور( م ڊ) طورخم بارڊر تي ايف سي ۽ ايف آءِ اي اهلڪارن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ايف آءِ اي اهلڪار زخمي ٿي پيا، سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته رش گهٽ ڪرڻ واري معاملي تي ٻنهي ادارن ۾ ڏند چڪ بعد جهيڙو ٿي پيو.جهيڙي دوران ايف سي اهلڪارن ڏنڊن سان حملو ڪري ايف آءِ اي جي 6 اهلڪارن کي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي پاسي واقعي جو نوٽيس وٺندي ٻنهي ادارن جي عملدارن معاملي کي فوري طور تي حل ڪيو ۽ 4 ڪلاڪن کانپوءِ طورخم بارڊر کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.