خاڻوٺ ڀرسان شڪي پوليس مقابلو، 3 ڄڻا مارجي ويا، حيدرآباد ۾ پوليس تي حملو، ڪيترائي زخمي

حيدرآباد/ڄامشورو/سن/ مانجهند (نمائندن وٽان) سن ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، گاڏي تي فائرنگ، سوزوڪي کڏ ۾ ڪري پئي، 3 ڄڻا مارجي ويا، فوتين جي وارثن  جو حيدرآباد ۾ پوليس تي حملو، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، خاڻوٺ ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي روڊ تي سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ سوزڪي مٿان مبينا طور پوليس فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي فائرنگ ۾ سوزڪي ڊرائيور جي صابطي مان نڪري ڳوٺ فقيرداد کوسو وٽ انڊس هاءِ وي روڊ ڀرسان اونهي گڏ ۾ هلي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ، اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو  طارق نواز پڻ حادثي واري هنڌ پهتو ، جنهن کانپوءِ پوليس حادثي جو شڪار سوزڪي کي پنهنجي تحويل وٺي ٽنهي فوتين جي لاشن کي پوسٽ مارٽم ۽ سڃاڻپ ڪرڻ جي لاءِ تعلقه اسپتال مانجھند آندو، جتي فوتين جي سڃاڻپ ڪرڻ جي لاءِ  فنگرپرنٽ ورتا ويا، جڏهن ته ٽنهي فوتين جي لاشن جو پوسٽ مارٽم تعلقه اسپتال مانجھند ۾ ڪيو ويو ، فنگرپرنٽ ۾ فوتين جي سڃاڻپ حيدرآباد جو رهواسي دلدار سولنگي پٽ محمد سومر سولنگي، ٻئي جي سڃاڻپ مٽياري جي رهواسي دلبر مجيداڻو ر ٽئي جي سڃاڻپ ڄامشورو جو رهواسي منور علي ملاح طور ٿي، 3 ڪلاڪ فوتين جا لاش پوليس جي سخت پهري ۾  تعلقي اسپتال مانجھند ۾ پيل هئا ، پر فوتين جا لاش وصول ڪرڻ جي لاءِ ڪير به مانجھند اسپتال نه پهتو، تعلقه اسپتال مانجهند ۾ سرد خانو نه هجڻ جي ڪري پوليس ٽنهي فوتين جا لاش حيدرآباد سول اسپتال کڻائي وئي، جتي فوتي نوجوان جا وارث توڙي وڏي انگ ۾ عورتون موجود هو، پوليس پاران فوتي نوجوانن جا لاش نه ڏيڻ تان نوجوانن جي وارثن توڙي پوليس وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺين ڏنڊن، سروٽن ڀترن جو آزادانه استعمال ڪيو، مڇريل مردن توڙي عورتن  پوليس موبائيلن، ايمبولينس ڊرائيورن توڙي ايمبولينس جي مٿان ڏنڊن، پٿرن سان حملو ڪري ڏنو ۽ اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، ڏسندي ڏسندي سول اسپتال حيدرآباد جو اڱڻ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، لٺين ڏنڊن پٿرن سروٽن جي آزادنه استعمال ٿيڻ  سبب عورتن ۽ مردن سميت 8 کان مٿي مظاهرو ڪندڙ زخمي ٿي پيا، پوليس اهلڪار به زخمي ٿي  پيا، پوليس بنا قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ جي دلدار سولنگي ۽ دلبر مجيداڻو جو لاش وارثن حوالي ڪري سول اسپتال جي گيٽ بند ڪري ديوارو ٽپي ڀڄي وڃي جان بچائي، مڇريل ماڻهن لاش کڻي ويندڙ سن مانجهند ۽ خاڻوٺ جي ٽن ايمبولينس ۽ پوليس موبائيلن جا سيشا ٽوڙي گاڏين جو نقصان پڻ ڪيو، جنهن کانپوءِ رينجرز اچي جھيڙي تي ضابطو آندو، ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته خاڻوٺ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي آهي، گشت دوران پوليس کي اطلاع مليو ته انڊس هاءِ وي روڊ ڀرسان ڪجھ ڏوهاري قسم جا ماڻهو جيڪي هلندڙ گاڏين مان قيمتي سامان لاهي چوري ڪرڻ توڙي ڦر جي ارادي سان هٿيارن سان بيٺل آهن پوليس پهتي ته سوزڪي سوار پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس سوزڪي سوار جوابدارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو پر جوابدارن سوزڪي بيهارڻ بدران  پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن کانپوءِ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو،  پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ سوزڪي ڪلٽي ٿي پئي جنهن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن جي لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪيون ويون آهن، ايم ايس تعلقه اسپتال مانجهند نديم جتوئي پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته صرف هڪ فوتي کي مٿي ۾ گولي لڳڻ هئي باقي ٻن فوتين جي جسم تي گوليون لڳڻ جا نشان نه هئا،  مارجي ويل نوجوانن جي وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان سبزي وڪرو ڪري پنهنجي گھر جو گاڏو هلائيندا هئا، ڪنهن به ڏوھ ۾ ملوث نه هئا،  پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي ٽن نوجوان کي قتل ڪيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس رڪارڊ موجب دلدار سولنگي پٽ محمد سومر سولنگي مٿان 2020 ۾ منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيل هو، حادثي واري هنڌ ڪرائم سين يونٽ جا عملدارن پهچي مختلف هنڌن تان شاهديون گڏ ڪيو ، حادثي واري هنڌ تان پوليس کي صرف هڪ پسٽل هٿ ڪيو ، پوليس دعوى ڪئي ته اهو جوابدارن جو آهي. هوڏانهن خاڻوٺ ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن جا لاش سول اسپتال اچڻ تي احتجاج ڪري ڀڃڊاهه ڪرڻ ۽ پوليس اهلڪارن ۽ پوليس موبائيل تي حملي جو ڪيس مارڪيٽ ٿاڻي تي 8 مردن سميت 17 گرفتار ڪيل عورتن مٿان داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.