ميرپوربٺوري ۾ هندو برادري احتجاج طور هولي جو ڏڻ نه ملهايو

ميرپوربٺورو(رپورٽ امتياز علي سومرو)  ميرپوربٺورو ۾  پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هندو پنچائت ميرپوربٺورو جي صدر ڊاڪٽر سريش ڪمار جي اعلان تي عمل ڪندي هندو برادري ميرپوربٺورو ۾ هولي جو تهوار نه ملهايو جڏهن ته هندو پنچائت،  شهري اتحاد ۽ واپاري ايسوسيئيشن پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ميرپوربٺورو جي علي بندر محلي کان شهري اتحاد اڳواڻ فقير محمد علي خواجه، ڏاڏا اسماعيل شورو ، حاجي موسيٰ کٽي ، قاسم رنگريز ، واپاري ايسوسيئيشن صدر عبدالغفور ميمڻ،، ڊاڪٽر غلام رسول زئور، ڪرشن ڪمار، هندو پنچائت اڳواڻ ڪاڪا نٿو مل، سيٺ سيرو مل،  سريش ڪمار،  اشوڪ ڪمار، منوج ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي  پريس ڪلب ميرپور بٺورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته حڪمرانن کي  پريا ڪماري جي والده جي التجا جي ڪا پرواهه ناهي رهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.