گاجي کهاوڙ ڀرسان معصوم شبيران کوسو جا قاتل ويجها مائٽ نڪتا، 3 جوابدار گرفتار

قمبر/ نصيرآباد (نمائندن وٽان) قمبر گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ راهمو کوسو ۾ اغوا بعد قتل ٿي ويل 6سالن جي نينگري شبيران کوسو جا قاتل سندس ويجھا رشتيدار نڪتا، نينگري جي قتل ۾ ملوث 4 جوبدارن مان ٽن جوابدارن  علي حيدر، حبيب الله خان، محمد کوسو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، هڪ جوابدار دادن کوسو فرار ٿي ويو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ محمد ڪليم ملڪ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ٻه هفتا اڳ گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ راهمو کوسو ۾ 6 ورهين جي نينگريِ شبيرا کوسو جي اغوا کانپوءِ ٻن ڏينهن بعد سندس قتل جو واقعو پيش آيو  جتي سندس لاش زرعي زمين مان مليو هو جنهن جي قتل جي ايف آءِ آر اڻڄاتل جوابدارن مٿان داخل ڪري هن معاملي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ٻڌايو ته نينگري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ هن وقت پڌري نه ٿي چڪي آهي پر پوليس طرفان جوڙيل جي آءِ ٽي ٽيم علائقي مان شڪي بنيادن تي مختلف ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي مختلف معاملن جي جاچ کانپوءِ نينگري جي قتل جي اصل حقيقت جوبدارن پوليس کي ٻڌائي ته ڳوٺ ۾ ٻارڙن جي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو هو جنهن بعد هنن نينگري تي تشدد ڪيو ته جنهن سبب نينگري فوت ٿي وئي، هو بوکلاهٽ جو شڪار ٿي نينگري جي لاش کي مختلف هنڌن تي لڪائي رهيا هئا، هي هڪ بلائينڊ ڪيس هو جنهن کي حل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي نينگري جي چاچي روشن کوسي ٻڌايو آهي ته نينگري جي ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي پوليس ظاهر ڪيو آهي جيڪي رشتي ۾ اسان جا سئوٽ آهن، ظالمن بيگناھ معصوم ٻارڙي کي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي.  هن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.