جوابدارن جي خبر هجڻ باوجود پريا کي آزاد نٿو ڪرايو وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ھندو برادري کي ھولي جون مبارڪون ڏيندي چيو آھي ته ھولي نفرت کي  ختم ڪري محبت، خوشبو، امن، پيار، رواداري جي رنگن جو ڏينھن آھي. سنڌ جا ماڻھو ھزارين سالن کان عيدون ۽ تھوار گڏجي ملھائي دنيا کي رواداري ۽ ڀائيچاري جو بيمثال پيغام ڏيندس رھيا آھن. انھي امن ۽ پيار واري ڌرتي کي حڪمرانن خوف جي سرزمين بڻائي ڇڏيو آھي، سنڌ صدين کان رواداري، سھپ، امن واري ڌرتي آھي۔ جيڪو سنڌ جي ھزارين سالن جي ڀائچاري، امن، رواداري کي نقصان ڏيندو اھو نه رڳو سنڌ پر پاڪستان جو بہ دشمن آھي، سنڌ ۾ مذھب جي بنياد تي ڪا متڀيد ۽ نفرت ناھي۔ ھندو، مسلم، عيسائي ۽ اقليتي برادرين جا ماڻھو ڀائر ۽ ھن ڌرتي جا گڏيل وارث آھن، حڪمران نٿا چاھين ته سنڌ ۾ امن ھجي، نوابشاھ ۾ زمين جي تڪرار تان 7 ماڻھن جي قتل جا ذميوار حڪمران آھن، 22 مھينن کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي پر معصوم پريا ڪماري اغوا آھي جوابدارن جي خبر هجڻ باوجود نياڻي کي آزاد نٿو ڪرايو وڃي، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جا ضلعا ڌاڙيلن حوالي ڪيا ويا آھن، باقي سنڌ ۾ به ڏوھارين جو راڄ قائم آھي، ماڻھن جي جان ۽ مال محفوظ ناھي، سنڌ ۾ ھٿ وٺي تعليم جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو آھي سرڪاري اسڪولن ۾ معاري تعليم ناھي، نجي اسڪولن جي تعليم مھانگي ھجڻ ڪري اتي صرف وزيرن ۽ امير ماڻھن جا ٻار پڙھي سگھن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.