سنڌ اھڙي واديءَ رھي آھي جنھن ۾ مذھب کان انسان مٿي رھيو آھي.اھو ڪو گھڻو پراڻو قصو نھ آھي.ھتي ئي مخلتف مڪتب فڪر ۽ جدا جدا مذھب سان تعلق رکندڙ ماڻھون ھڪ ٻئي جي عيدن براتن ۽ شادين مرادين ۾ھڪ برادري جيان محبت ۽ ڀائچاري سان رھندا آيا آھن.جيڪڏھن ھن وقت جي نفسانفسي کان ٿورو ھٽي ڪري ماضي تي چڙھي ويل دز ۽ عقيدي جي عينڪ لاھي ڏسبو تھ اوھان کي سنڌ جو اھو نقشو ضرور نظر اچي ويندو.
ان ئي سنڌ ۾ ھڪ ٻئي جي عزتن جو احترام ھوندو ھو ۽ ھڪ ٻئي جي مذھب جي عزت ھوندي ھئي، ھر تھوار گڏجي ملھايو ويندو ھو ۽ ھر عيد گڏجي ڪئي ويندي ھئي.پر ڪجهھ وقت کان ھن سماج ۾ اھڙو نفسا نفسي ۽ انفراتفري جو طوفان آيو آھي جو ماڻھن مان گھڻيون ئي انساني صفتون نڪري رھيون آھن. ان جو اثر سنڌ جي امن ۽ سک تي ٻين کان وڌيڪ پيو آھي.
اڄ کان اڍائي سال اڳ ھڪ معصوم نياڻي پريا ڪماري محروم الحرام جي مھيني ۾ سبيل پياري رھي ھئي.جو کيس اغو ڪيو ويو ھو.ان جي وارثن پاران ڪيل دانھن ڪوڪن تي ڪنھن ڌيان ان ڪري نھ ڌريو جو اھي غريب ۽ بي پھچ ھئا.پر غم انسان کي ھيڻو ڪري ٿو ڇڏي، نھ ڄاڻ انسان جي اندر ڪا اھڙي قوت آھي جيڪا وري ان کي گھڻو سگھارو بھ ڪري ٿي.اھو غم مائٽن کان برداشت نھ ٿيو آھي.وقت بھ وقت اھي نياڻي جي بازيابي جي لاءِ ٻاڏائيندا رھيا آھن،پر ڪجهھ وقت اڳ کان سوشل ميڊيا ھڪ وڏي طاقت ٿي ڪري سامھون آئي آھي.جنھن جي مدد سان سنڌ جي ساڃاوندن ان ظلم خلاف آواز اٿاريندا رھيا آھن،ھاڻي اھو مسئلو سنڌ جو ھڪ اھم مسئلو بڻجي ڪري سامھون آيو آھي.
اھڙي ٿيل ظلم بعد اھو شڪ ٿئي ٿو تھ سنڌ جي ھن پويتر ڌرتيءَ تي رھندڙ آدم جو مزاج بھ بدلجي ويو آھي، ماحول مان خدشو پئدا ٿو ٿئي تھ سڀ ڪجهھ ساڳيو نھ آھي.سک، امن ۽آنند واري ڌرتيءَ ھئڻ واري ڳالهھ ھاڻي ماضي جو قصو ٿي ويو آھي ؟
سموري سنڌ ۾ ھڪ عرصي کان لاقانونيت آھي.ماڻھون خوف واري زندگيءَ گھارڻ تي مجبور آھن. حڪومت جا سکڻا اعلان تھ ٿين ٿا پر ان تي عمل نھ ٿيڻ سان عوام جي قسمت ۾ ڪو ڦيرو نٿو اچي.ھن وقت بھ ڪو رستو اھڙو نھ آھي جتان ماڻھو ڪنھن مجبوري جي ڪري بھ ڪنھن وقت سلامتي سان گذري سگھي.
ڪي 31 مھينا اڳ سنڌ جي قديم شھر روهڙي لڳ سنگرار واري علائقي مان اغوا ڪيل ٿيل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ واسين سوشل ميڊيا تي وڏي مهم ھلائي ڪري ٻڌو اڻٻڌو ڪندڙ حڪمرانن تي اھو واضح ڪري ڇڏيو آھي تھ جيستائين اھو ظلم جو داستان بند نھ ٿيندو، اھا نياڻي واپس نھ ٿيندي، اھي آوازا بلند ڪندا رھندا.
سوشل ميڊيا سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جون ريليون ڪڍي حڪومت وٽ احتجاج نوٽ ڪرايو آھي.جنھن ۾ عوام اھڙي واقعي جي نندا ڪندي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آھي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته معصوم پريا ڪماري سال 2021 ۾ محرم دوران سبيل ھلائي رھي ھئي ته کيس اغوا ڪري گم ڪيو ويو، پر تاحال اھا بازياب نھ ڪرائي وئي آھي.جنھن ڪري ھن جي امڙ ھنجون ھاري ۽ ٻاڏائي رھي آھي تھ سندس نياڻي کي آزاد ڪرائي ڏيو.
سنڌ ۾ پريا ڪماري جي حق ۾ ٿيندڙ مظاھري دوران شھرين جو اھو بھ چوڻ ھو تھ اتر سنڌ خاص طور ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي ۽ شڪارپور وارا علائقا عام ماڻھن لاءِ غير محفوظ بڻيل آھن. وڌندڙ بدامني کي رياست روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي رھي آھي ۽ حڪومتون عوام کي ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي.
ھتي سوال اھو بھ آھي تھ آخر ھيڏي وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڏوھن ۽ انھن ڏوھارين جي پٺڀرائي ڪير ڪري رھيو آھي.عام خيال آھي تھ انھن کي قبائلي سردار ۽ بااثر ڌريون تحفظ ڏين ٿيون،تھ پوءِ حڪومت انھن خلاف مڪمل ۽ جامع آپريشن ڪري انھن ڏوھارين يا انھن کي تحفظ فراھم ڪندڙن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڇو تيارنھ آھي ؟
جيڪا 3 سال گذرڻ باوجود بازياب ناھي ڪرائي وئي، سندس امڙ ھنجون ھاري ٻاڏائي رھي آھي ته ٻچڙيءَ آزاد ڪرائي ڏيو، پر پوليس سميت ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معصوم ٻارن کي به تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آھن، اتر سنڌ خاص طور ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي ۽ شڪارپور وارا علائقا عام ماڻھن لاءِ نو گو ايريا بڻجي ويا آھن.اھو بھرحال حڪومت جو فرض آھي تھ عوام جي جان مال ۽ عزت جي حفاظت ڪري پر حڪومت گذريل اڊائي سالن ۾ ھڪ ماءُ کي آٿت ڏين لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻوو بھ نھ ڪيو آھي.جنھن مان اھي خدشا پڪ ۾ بدلجن ٿا تھ حڪومت خود عوام کي اھنج ڏيڻ ۾ شامل آھي.
سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ کي تھ ڪنھن قانون جي ننڊڙي عدالت ۾ بھ اھو ثابت ڪري سگھجي ٿو تھ ھتي ناانصافي ٿي رھي آھي.پر ھيڏي وڏي انڌير تي بھ عدليھ،انتظاميھ ۽ قانون جوڙيندڙ ادارا خاموش آھن.جنھن سان عوام ۾ مايوسي وڌي رھي آھي،ڪنھن بھ سماج ۾ وڌندڙ اھڙي مايوسي بعد ان جو جيڪو بھ ردعمل پڌرو ٿيندو ان سان سموري سماج جو توازن بگڙي ويندو.جنھن جو اندازو ھن وقت تھ شايد حڪمرانن کي نھ آھي.اھو مڃيل اصول آھي تھ سماج ۾ ٿيندڙ ڏوھن جي سزا جيڪڏھن اصل ڏوھاري کي نٿي ملي تھ اھا سموري سماج ۾ ورھائجي وڃي ٿي،جنھن کان ڪو بھ محفوظ نٿو رھي سگھي.
وقت جي حڪومت جي مٿان اھو فرض آھي تھ سنڌ ۾ پکڙيل بدامني کي روڪڻ جي لاءِ جامع ۽ گھڻ طرفي ڪارروائي ڪري عام ماڻھو سان ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري، ان سان ئي عوام ۾ سک اچي سگھي ٿو. ھڪ انصاف ڀريو سماج ئي اختيارين ۽ عوام کي اڳتي وڌڻ جو رستو ڏئي سگھي ٿو.
اميد ڪجي ٿي تھ سنڌ جون اختياريون سنڌ جي معصوم نياڻي پرياڪماري کي بازياب ڪرائڻ جي لاءِ سنجيدگي جو مظاھرو ڪنديون ۽ مائٽن کي جلد سندن نياڻي سلامتي سان واپس ملندي.